گُگِراڻ (انگريزي: Gugran plant ) هي ڀِٽن جي مٿان ۽ پاسن وارن لاهن جي اڌ کڙن، ڏورڙن ۽ مٿاهن هنڌن جي وارياسي زمين ۾ ٿئي. ڏهرن جي سنئين ۽ سخت زمين ۾ اصل ڪونه ٿئي. هونءَ ته سڄي ٿر ۾ عام آهي، پر خاص ڪري ڏيپلي تعلقي، ڪنٺي ۽ ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ جام اُڀري، اُن جي ڊيگهه اٺ فوٽ کن ٿئي. اُن جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڏنگيون ڦڏيون هونديون آهن. ٽارين ۾ اڇي رنگ جا ڪَنڊا ٿيندا آهن، جي اهڙا خطرناڪ ڪونه ٿين. ٿڙ ۽ ٽاريون لسيون ۽ رَس سان ڀريل ٿين. چوڌاري ڇوڏي جي بدران بصر جي پردن جهڙا اڇا تَهه ٿيندا آهن. اهي لاهبا ته هيٺيان ساوا تهه ڏسڻ ۾ ايندا. برساتي موسم ۾ اُن جي ٽاري وڍي ڪنهن به هنڌ آلي زمين ۾ کوڙبي ته اُڀري پوندي آهي. وسڪاري ۾ هي سائو ٿيندو آهي. منجهس پن ۽ ننڍا گل ٿيندا، جن مان ٻج ٿئي جي ننڍا چپڙا گول ٿين، انهن کي تري ”گُگِريا“ چون. اهي گهوٽي اَٽي سان گڏي لُپري ٺاهي ڦَٽن تي ڏيندا آهن. هن کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. واهوندا ورندا ته اُن جي ٿڙ ۽ ٽارين مان رس نڪرندي آهي، جا ٻاهر گڏ ٿي ڳنڍا ڳنڍا ٿي پوندي آهي، ان کي ”گُگرَ“ چون. ننڍا ٻار، ڌنار، ٻڪرار، ڀيل ۽ ڪولهي ماڻهو اهو گگر چونڊي گڏ ڪري وڪڻندا آهن، جنهن مان چڱو اُپراسو ٿيندو آهي. ڪي مڻهو گگراڻ جي ٿڙ ۽ ٽارين کي ڪهاڙيءَ سان ڌڪ هڻي وَڍ وَڍ ڪري ڇڏيندا آهن ته اتان رس نڪري ايندي آهي جا ڳنڍا ٿي پوندي آهي. پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ وڃي اهي ڳنڍا لاهي آڻيندا آهن. اهڙيءَ طرح سال بسال سوين مڻ گگر ٻاهر موڪليو ويندو آهي.[1]. گُگراڻ جي ڪاٺي ڏنگي ڦڏي، نرم ۽ ڦيڦي ٿئي. وڻ به ننڍي هئڻ ڪري خاص ڪنهن ڪم ڪونه اچي، تنهنڪري بعضي سڪل ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اچن. هن جي ٿلهيري ڪاٺيءَ مان اَن ماڇڻ جون چوٿايون ٺهن. ماڻهو اڪثر ولوڙڻ لاءِ هن جي آلي ڪاٺي کوڙيندا آهن، جنهن کي ”نيهڙي“ چون. ٿر جي زالن ۾ اهو ويساهه آهي ته گگراڻ جي نيهڙي هوندي ته مکڻ گهڻو لهندو.[1]. گگر دوا طور به ڪم ايندو آهي. پاسيرين يا ڇاتيءَ ۾ سُر هجي ته ڪوري اڇي ڪاغذ جون چورس چُٽِڪيون ڪتري گگر ڳاري انهن تي ليپ ڪري سور واري هنڌ چنبڙائي ڇڏين ته ترت فائدو ٿيو پوي[1].


  1. 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو