گگرال جو وڻ
گگرال جو وڻ ريگستاني ۽ خشڪ جابلو ريتيلن علائقن جو وڻ آهي. هن وڻ مان گگر نالي هڪ قيمتي کئونر جھڙو مادو ملي ٿو، جيڪو دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو. انھي ڪري هن وڻ مان حاصل ٿيندر گگر نھايت قيمتي آهي. هن وڻ جي سموري واڌ ويجهہ جو سرشتو هن جي ڪاٺي ۽ خاص ڪري کل ۾ آهي. چوماسي کان اڳ ۾ مئي، جون، جي سخت لڪن جي موسم جنھن کي عام ٻولي ۾ چاليھي جي موسم سڏيو چيو وڃي ٿو ۾ هن جا حساس ۽ نرم نازڪ پن ڇڻي ويندا آهن. جنھن سبب هي چوماسي جي مند ۾ مينھن وسڻ کان اڳ ۾ سڪل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پنن جي سڪڻ سبب هن جي زندگي جي سموري سرشتي جو دارومدار ڪاٺي ۽ سندس کل جي ريشن يعني تندن واري نظام تي هوندو آهي. هي وڻ پڻ ٻين ريگستاني ٻوٽن جيان پنھنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين جي پوسل مان پنھنجي پاڻي جي ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو. چوماسي جي موسم ۾ جڏهن هوا م گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي، تڏهن هن وڻ جي زندگي جي سرشتي جي ذميواري جو ڪردار ادا ڪندڙ کل ۾ موسمي گهم جي وڌيڪ مقدار سبب دفاعي رد عمل ٿيندو آهي، جنھن ڪري هن وڻ جي کل تي ڳاڙهي رنگ جا ڦليا مٿي اڀري ظاهر ٿيندا آهن. جيڪو چوماسي جي موسم ۾ هوا ۾ وڌيل گهم ۽ آبي بخارن جي گهڻائي جو رد عمل هوندو آهي. جڏهن هوا ۾ گهم جو وڌيڪ مقدار هوندو تڏهن ئي چوماسي جون برساتون وسنديون آهن. تنھنڪري گگرال جي وڻ جي ڪاٺين تي، جڏهن ڳاڙهي رنگ جا ڦليا يا داڻا داڻا نڪرندا آهن تہ ان کي مينھن وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-25