گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو
گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو يا يونائيٽيڊ نيشنس اينوايرونمينٽل پروگرام(انگريزي: United Nations Enviorment Programme UNEP)اصل ۾ 1972ع ۾ اسٽاڪ هوم ۾ گڏيل قومن جي طرفان سڏايل ڪانفرنس جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو هو. ڪانفرنس جو مقصد دُنيا جي مُلڪن کي ماحول دوست سرواڻ ۽ ڀائيچارو فراهم ڪندي، ڄاڻ، اُتساهه ۽ سهائتا ذريعي انساني زندگيءَ جو معيار وڌائڻ ۽ ايندڙ نسلن تي نظر رکڻ، دُنيا ۾ ماحولياتي جاڳرتا لاءِ پتوڙڻ، گڏيل قومن جي ماحولياتي سرگرمين کي هڪٻئي سان سلهاڙڻ، ماحولياتي ڀلائيءَ لاءِ دُنيا جي مختلف خطن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ، اُسرندڙ ملڪن ۾ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي مدد ڪرڻ آهي. ماحوليات جي حوالي سان بين الاقوامي قانون سازيءَ لاءِ هاڪاري ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان، هن اداري ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. اداري جو مرڪزي آفيس نيروبي، ڪينيا ۾ آهي ۽ دُنيا جي ڪيترن ٻين مُلڪن ۾ ان جون علائقائي آفيسون پڻ آهن.[1]
گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو | |
---|---|
فائل:UNEP logo.svg يو اين اي پي جو لوگو | |
مختصر | يو اين اينوائرنمينٽ |
تشڪيل | 5 June 1972 |
نوعيت | پروگرام |
قانوني حيثيت |
سرگرم |
صدر دفتر | نيروبي, ڪينيا |
سربراھ |
ناروي ايرڪ سولھيئم |
بنيادي تنظيم |
گڏيل قومن جو ادارو |
ويب سائٽ | https://www.unenvironment.org/ |