گڏيل قومن جي آباديءَ ۽ ترقيءَ بابت ڪانفرنس

گڏيل قومن جي آباديءَ ۽ ترقيءَ بابت ڪانفرنس(انگريزي: United Nations Conference on Population and Development) گڏيل قومن جي سهڪار سان 5 کان 13 سيپٽمبر 1994ع تي مصر جي گاديءَ جي هنڌ ’قاهره‘ ۾ ٿي، جنهن ۾ 170 کان وڌيڪ ملڪن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا جي 2000 کان وڌيڪ نمائندن شرڪت ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ سال 2000ع ۾ بين الاقوامي، قومي ۽ مقامي سطح تي انساني آباديءَ جي پالنا ، لڏپلاڻ (هجرت)، ٻارن جي موت، ڄم تي ضابطي، عورتاڻي تعليم جي بهتريءَ ۽ حمل جي محفوظ طريقن سميت ڪيترن انساني معاملن جي حوالي سان بحث ڪيو ويو ۽ مٿين شعبن ۾ بهتر ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وئي. [1]

گڏيل قومن جي آباديءَ ۽ ترقيءَ بابت ڪانفرنس
مختصر UNCPAD
تشڪيل 1994
بنيادي تنظيم
گڏيل قومن جو ادارو

حوالا سنواريو