گڏيل آمريڪي رياستن جي عورتن جي قومي پاڻي پولو ٽيم

آمريڪا جي نمائندگي ڪندڙ عورتن جي قومي پاڻي واري پولو راند جي ٽيم

گڏيل رياستون آمريڪا جي عورتن جي پاڻي واري پولو ٽيم (انگريزي: United States women's national water polo team) نارين جي بين الاقوامي ۽ دوستي واري پولو مقابلن ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪندي آھي. ھيءَ ٽيم 1990ع کان اڳ ان راند جي عالمي پاڻي پولو جي تمغو ماڻيندڙ ٽيمن منجھان ھڪ آھي.27 مارچ، 2019ع تي آمريڪا واٽر پولو ٽيم ( USA Water Polo) آدم ڪريڪورين کي آمريڪا جي عورتن جي ٽيم جي مڃيل ڪوچ نامزد ڪيو. آدم ڪريڪورين يو سي ايل اي بروئينز جي مرد ۽ عورتن جي واٽر پولو ٽيمن جي پڻ مڃيل ڪوچ آھي. [1][2]

ٽيم جي خاصيت سنواريو

آمريڪا اھڙي پھرئين ٽيم بڻجي چڪي آھي جيڪا ٽري ڀيرا لاڳاتار فينا عالمي چيمپيئن شو آبي پولو جو چيمپيئن بڻجي چڪي آھي. جولاءِ 2019ع جي مقابلن ۾ ھن ٽيم اسپين کي گوانگ جو ۾ ھلندڙ عورتن جي فائنل مقابلي ۾ ھارائي ان ٽيم اھو مقابلو پنھنجي نالي ڪيو. ان مقابلي ۾ ٻئي ڪوارٽر جي وقفي تائين پيچ ھوسچالڊ آمريڪا لاءِ اھم گول ڪيو ھيو، جنھنکانپوءِ اسٽيفامنيا ھرابالڊيس ھڪ ٻيو گول ڪري ٽيم کي سوڀ ڏياري. انھيءَ دوران ھي ٻہ وقت جي دفاعي چيمپيئن ٽيم پھرئين ڪوارٽر وقفي تائين 3-1 جو اسڪور بيھاريو ھيو. ھي مقابلو پنھنجي نوعيت جي لحاظ کان 2017ع جي فائنل جو تڪرار ھيو ۽ اسپين بدلو وٺڻ لاءِ جاکوڙي رھي ھئي. تنھن ھوندي سموريون ڪوششن ڪرڻ کانپوءِ بہ اسپين جي روسر تراگو ايميريچ پاران اسڪور 3-2 تائين وٺي وڃي سگھي، پر پنھنجي سوڀ درج نہ ڪرائي سگھي.[3] ان سوڀ سان گڏوگڏ آمريڪا جي ٽيم ان راند ۾ پنھنجي پڪڙ ۽ عالمي درجو کي گھڻو مضبوط ڪري ورتو. اھا ٽيم جي شڪست ڪنھن ٻئي ٽيم جي لاءِ سولي ڳالھ نٿي ٿي سگھي. دنيا جي ٻين سگھارين ٽيمن منجھان ھڪ آمريڪا ٽيم کانپوءِ اسپين جي ٽيم ٻئي درجي تي پھتي، جيڪو ان مقابلي ۾ شڪست ماڻيل رھي چڪي ھئي.


ٽورنامينٽ سنواريو

آمريڪي نارين جي پولو ٽيم ڪيترن ئي ٽورنامينٽ ۾ حصو ورتو آهي. جِن ۾ اولپمڪ گيمز، ورلڊ چيمپيئنز، ورلڊ ڪپ، ورلڊ ليگ، پين آمريڪن گيمز شامل آهن.

ننڍا مقابلا سنواريو

انهن مقابلن ۾ گڏيل آمريڪي رياستن جي ناري پولو ٽيم گڏيل طور يو20 ٽيم جي نمائندگي ڪندي آهي.


وڌيڪ ڏسو سنواريو

  • پولو، پولو راند
  • عورتن جو پولو
  • پاڻي وارو پولو راند

حوالا سنواريو

  1. "Krikorian Named Women's Senior National Team Head Coach". United States Olympic Committee. حاصل ڪيل 22 آگسٽ 2019.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. "Krikorian Named Women's Senior National Team Head Coach". USA Water Polo. حاصل ڪيل 22 آگسٽ 2019.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. [https://www.olympicchannel.com/en/events/detail/2019-fina-18th-aquatics-world-championships-gwangju/ FINA World Championships 2019 | As it happened: Day 17 Olympic Channel were on site in Korea as Regan Smith broke the women's 100m backstroke...]