جيئن ئي ويراواھ (Veerwaah) شھر ۾ داخل ٿيندا، اتان ئي ھڪڙو لنڪ روڊ نڪري ٿو، جيڪو اوھان کي وٺي ويندو، رڻ ڪڇ جي پٽن تي، جتي گڍڙو يا گڍڙي وارو رڻ (Gidirry waaro rinn) آھي. گڍڙي واري رڻ پٽ واري سُندر سلسلي ڏانهن وڃڻ لاءِ، اوهان ننگرپارڪر ويندي، ويراواه چيڪ پوسٽ وٽان اوڀر طرف ويندڙ ويراواه شهر واري روڊ جو رُخ ڪري وڃبو، اڳتي هلي ويراواه شهر آھي. ويراوه، جيڪو پراڻي بندرگاه پاري نگر جو تسلسل آهي ، هتي پاري نگر بندرگاه جا آثار ۽ جين مندر به ڏسڻ وٽان آهي. ڏهاڪو کن ڪلو ميٽر تي ساڄي پاسي اڻ کٽ ۽ سُندر رڻ پٽ جو سلسلو آهي، جتي ھر سال سياري جي مند ۾ لکن جي انگَ ۾ پرڏيهي پکي ايندا آھن. </ref>Saranga <ref>