گڍڙو:(انگريزي: Gadhrro ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي ڇاڇري تعلقي ۾ واقع شھر جو نالو آهي جيڪو ڀارت واري بين الاقوامي سرحد کي ويجهو آهي. اڳي گڍڙو روڊ ريلوي اسٽيشن ويجهي هئڻ ڪري پارڪر ۽ ڀر واري ڀاڱي لاءِ واپار مرڪز هو، مگر هاڻي هندو لڏي هليا ويا ۽ سرحد تي هئڻ ڪري پاڪستان ملٽري ۽ رينجرس رهي ٿي. هتي کوهه 60 پرهه اونها آهن. هتي جو تلاءُ مشهور آهي جتي ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. هتي پرائمري مردانو اسڪول، مسافر خانو، ڍڪ، يونين آفيس ۽ ٿاڻو آهن. شهر اڳئين رونق ڇڏي ويو آهي[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو