گوئينگڊانگ صوبو

گوئينگڊانگ يا گئانگڊونگ (انگريزي: Guangdong )، جنھن کي ڪينٽن صوبو (انگريزي: Canton Province )، يا ڪوانگچنگ پڻ سڏيندا آهن. اھو عوامي جمهوريه چين جي ڏکڻ چين واري ريجن ۾، ڏکڻ چيني سمنڊ تي واقع ھڪ ساحلي صوبو آهي. ان جي آبادي 2018ع ۾ 11,34,60,000 ھئي[7]. صوبي جي پکيڙ 1,79,800 چورس ڪلوميٽر آهي. اھو 2005ع کان پوءِ آبادي ۾ چين جو سڀ کان وڏو صوبو آھي. ان کان اڳ ھينان صوبو پھرين نمبر تي ھيو. پکيڙ ۾ گوئينگڊانگ چين جو 15ھون وڏو صوبو آھي. ھن صوبو جي ڊي پي ۾ پڻ چين جو سڀ کان وڏو صوبو آھي. ان جي جي ڊي پي 200 ارب يو ايس ڊالر آھي. ھي صوبو دنيا جي چوٿين وڏي صوبائي معيشت ۾ شمار ٿئي ٿو.[7] پرل ندي ڊيلٽا وارو معاشي زون ۽ چيني مئگاپولس چين جي وڏي ٽيڪنالاجي، مينيوفيڪچرنگ ۽ پرڏيھي واپار جو مرڪز آھن. جيڪي پڻ ھن صوبي ۾ واقع آھن. صوبي جي گادي جو هنڌ گوانگجو ۽ ٻيو وڏو شھر شينجن ٻہ وڏا معاشي مرڪز آھن. شينجن چين جو سڀ کان پھريون مخصوص معاشي زون آهي. ٻئين شھر دنيا جي ميگا شھرن ۾ شامل آهن. ھن صوبي جي آبادي جو 92.7 سيڪڙو آبادي لامذھب ۽ روايتي مذھبن کي مڃيندڙ آھي[8]. گوئينگڊانگ ۾ ٻٽي پارٽي نظام ذريعي حڪومت ڪم ڪندي آهي جنھن ۾ صوبي جو نگران گورنر ھوندو آھي جنھن جي مٿان ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري نظر رکندو آھي. ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو اصل ۾ ھن صوبي جا حصا ھيا جيڪي برطانيا ۽ پورچوگال جي حوالي ٿيا ۽ ھاڻي انھن کي مخصوص انتظامي ريجن جو درجو ڏنل آهي.

گوئينگڊانگ صوبو
Guangdong
چيني صوبو
مٿان کان ھيٺ ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي: گوانگجو ۾ ڪينٽن ٽاور، نينشن ڊسٽرڪٽ، شينجن جو افقي منظر، ھانگ ڪانگ-ژوھائي-ميڪائو پل، ڊينگزيا جبل جو منظر
Map showing the location of Guangdong Province
گوئينگڊانگ صوبو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 23°24′N 113°30′E / 23.4°N 113.5°E / 23.4; 113.5مڪانيت: 23°24′N 113°30′E / 23.4°N 113.5°E / 23.4; 113.5
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو 广 = ڪشادو، ويڪرو، وسيع
= اوڀر
لفظي معني: " وسعت جي اوڀر وارو پاسو (گئانگزي ان جو اولھ آھي)
گادي جو هنڌ
(۽ وڏي ۾ وڏو شھر)
گوانگجو
انتظامي ورهاست 21 پريفيڪچر، 121 ڪائونٽيون، 1642 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس گوئينگڊانگ صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري لي شي
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين Li Yumei
 • گورنر Ma Xingrui
 • پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين وئينگ رانگ
پکيڙ[2]
 • ڪل 179,800 ڪ.م2 (69,400 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ 15ھون نمبر وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (شڪينگڪانگ) 1,902 ميل (6,240 ft)
آبادي (2018)[3]
 • ڪل 113,460,000[1]
 •  ڪاٿو

  2019

115,210,000


گوئينگڊانگ صوبو
لفظ گوئينگڊانگ آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 广东
روایتي چیني 廣東
لغوي معنیٰ "اوڀرائين وسعت"
اختصار
آسان چیني
روایتي چیني
لغوي معنی ڏکڻ چين جي بائيو جو قديم نالو

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. (ٻولي ۾ Chinese). Guangdong Provincial Bureau of Statistics https://web.archive.org/web/20190322100422/http://www.gdstats.gov.cn/tjzl/tjgb/201902/t20190227_423113.html. وقت 22 March 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 April 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  2. "Doing Business in China – Survey". Ministry Of Commerce – People's Republic Of China. وقت 5 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "National Data". National Bureau of Statistics of China. وقت 19 April 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 April 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. GDP-2019 is a preliminary data, and GDP-2018 is a revision based on the 2018 CASEN: "Home - Regional - Quarterly by Province" (Press release). China NBS. حاصل ڪيل 15 April 2020. 
  5. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 17 April 2020. 
  6. Guldin, Gregory E. (1984). "Seven-Veiled Ethnicity: A Hong Kong Chinese Folk Model". Journal of Chinese Studies 1 (2): 139–156. https://www.jstor.org/stable/44289777. 
  7. 7.0 7.1 "National DATA of China". China NBS. وقت 19 April 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. Note that this includes China's predominant religious category, Daoism