گل ۾ِهندي (ميدو) کي هندستانيءَ ۾ گل مهندي ۽ سنڌيءَ ۾ ميَدو چوندا آهن، سو اصل هندستان جو آهي. انگريزيءَ ۾ بالسم چوندا اٿس. فارسيءَ ۾ بلسان لکندا اٿس. هن گل جا جنهن باغ ۾ بارا ٿيندا آهن، اتي سندن ڇڻيل ٻج مان ٻئي سال پاڻهئي ٻيا گل نڪرندا آهن پر اُهي، ڪهڄر ڪري وجهن ٿا، تنهنڪري پٽي اڇلائي ڇڏجن. ولايتي جيڪو ٻج ايندو آهي، سو قسمين قسمين رنگن جا يڪا توڙي ٻٽا ڀريل گل ڪندو آهي. جهڙوڪ: اڇا، ڳاڙها، گلابي، کهنبا، واڱڻائي وغيره. يڪ – سالن گلن مان هنن جهڙو خوبصورت ٻيو ڪو ٿورو هوندو.[1]

Cherry blossoms in Paris in full bloom.

پوکي سنواريو

ٻج سيپٽمبر ڌاري ڪونڊين ۾ پوکجي. سانوڻيءَ کان پوءِ اهي ڪڍي ڀلي زمين ۾ ڪنارن سان پوکجي پر اتر هندستان وارن هنڌن ۾ بهتر آهي ته هي ٻج جون ۾ پوکجي، يعني سانوڻيءَ جي شروع ۾، چڪين ٽپائڻ مهل ڏانڊي پنن تائين زمين ۾ گهيڙي ڇڏڻ کپي. هن گل کي هلڪي ڀاڻ ڏنل زمين ۽ گهڻو پاڻي وڻندو آهي. ٽَڪرن ۾ هي گل جهنگلي ٿيندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو