گل مور هڪڙو وڏو وڻ آهي جو مشهور آهي. هن ذات جو انگريزي ڪتابي نالو پائنسيانا آهي. هن جا چار پنج قسم آهن. هڪڙي قسم ۾ ڪنڊا به ٿين ٿا. اونهاري ۽ سانوڻ ۾ گل جهلي ٿو، جي وڏا ۽ ڏيک وارا آهن. هڪڙا پيلا ٿيندا آهن ۽ ٻيا ڳاڙها. اهو ڪنڊن وارو وڏو قسم درخت ناهي. انهيءَ کي سياري ۾ ڇانگڻ کپي، نه ته جهنگ ڪري وجهندو هي پنهنجي ڇڻيل ٻج مان ڦٽندو آهي. اٺن مهينن جي اندر گل ڪري ٿو. هن کي هنديءَ ٻوليءَ ۾ ڪرشن چرن چون ٿا. انگريزي رواجي نالو پيڪاڪ فلائوئر (يعني مور جو گل) اٿس. فارسيءَ ۾ گل طره چوندا اٿس.

سچو پچو گل مور يا جنهن کي چوڻ ۾ گل مهر ڪندا يا چوندا آهن، سو وڏي قسم وارو وڻ آهي. هي اصل ماڊا گاسڪر جو آهي. انهيءَ کي انگريزي توڙي فرينچ ماڻهو فليم آف فاريسٽ (يعني ٻيلي يا جهنگ جو مشعل) چوندا آهن. ننڍي هوندي پن تمام سهڻا ٿينس ٿا. اپريل ۽ مئي مهينن ۾ بيشمار کهنبا ۽ پيلا گل ڪري ٿو. اهو تمام جلد وڌندڙ آهي. ڏاڍي هوا نقصان رسائيندي اٿس. ٻج گهڻو ڪندو آهي جو سانوڻ ۾ پوکبو آهي. ٻج وڏو ۽ سخت ٿو ٿئيس، تنهنڪري پهرين سوسڙي پاڻيءَ ۾ ڀِجائي، پوءِ پوکيندا آهن ته جلد ڦُٽي.[1]L

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو