گلان جو مقبرو

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ماء جي قبر

بيگم گلان جو مقبرو يا ماڳ ڪلھوڙن جي صاحبي (1873ع - 1800ع واري زماني) جو اڏيل آهي. ميان نور محمد ڪلھوڙي جو قبرستان ديھه ۽ ڳوٺ نورمحمد تعلقي دولتپور (هاڻي قاضي احمد تعلقو)، ضلعو نواب شاھه (ھاڻي شهيد بينظيرآباد ضلعو) ۾ آهي. ھن ماڳ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي نم جو ڳوٺ، اوڀر ۾ ھڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال، مقيم ڏاھري جو ڳوٺ ھتان کان 3 ڪلوميٽر اولھه ۾ ۽ مورو شھر ھتان کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ھي ماڳ ويڪرائي ڦاڪ '50"03°26 اتر ۽ ڊگھائي ڦاڪ "08'04°68 اوڀر تي موجود آھي. بيگم گلان ميان نور محمد ڪلھوڙي جي گھر واري ۽ ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي ماءُ ھئي. سندس مقبرو رٿ ۾ مستطيل آھي. جنھن کي اوڀر ۾ ونگن سان دروازو ڏنل آھي. مھاڙي چئن اڀن ۽ پنجن سڌن پانيلن سان سينگاريل آھي. اڀرندي پاسي کي ڇڏي باقي ھر پاسي واري ديوار ۾ پنج اڀا ۽ پنج سڌا پانيل ٺھيل آھن. ڏکڻ ۾ نوڪدار ونگ سان روشندان لڳل آھي. ڇڄھري مقبري جي چوڌاري ڦريل آھي، جنھن جي ڪنڊن وٽ برجيون ٺھيل آھن. مقبري کي محرابي ڇت آھي؛ جنھن جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ٺھيل آھي ان جي مٿان ڪلس ڏنل آھي. اندران ٻاھران گچ گاري سان لنب ٿيل آھي. گل ٻوٽن جا ڌنڌلا عڪس اڃا بيٺا آھن. اندر اولھ واري ديوار تي اندرئين پاسي ونگاوان پانيل ٺھيل آھن. اھڙي طرح ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ به اھڙا گھڻ راسي ونگن وارا پانيل ڏنل آھن. ڀتيون اندرئين طرف چٽيل آھن.[1]