گلاب ٻائي
گلاب ٻائي (1926ع-1996ع) جنهنکي گلاب جان پڻ سَڏيو ويندو هيو، نوٽنڪي جي مشهور اداڪارا ۽ ڪلاڪار هُئي.[1] هيءَ روايتي ناٽڪ جي پهرئين ناري اداڪارا آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن ساراهيو آهي.[2][3] هي گريٽ گلاب ٿيٽر ڪمپني جي پايو وجهندڙ (باني) هئي. اها ڪمپني ٿيٽر جي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ناءُ سان سُڃاتي ويندي هُئي.[4] هندستان جي سرڪار کيس 1990 ۾ چوٿون وڏو شهري ايوارڊ پدم شري سا نوازيو.[5]
گلاب ٻائي | |
---|---|
پيدائش | 1926 بالپوروا, قنوج ضلعو, اتر پرديش, انڊيا |
وفات | سال 1996 |
ٻيا نالا | گلاب جان |
پيشو | اسٽيج پرفامر لوڪ موسيقار |
شھرت جو ڪارڻ | نوٽنڪي |
اعزاز | پدم شري ايوارڊ |
حياتي نامو
سنواريوگلاب ٻائي جي پيدائش سال 1926ع فرخ آباد ضلعو جي بال پوروا نالي ڳوٺ ۾ ٿي. سندس تعلق اتر پرديش جي بيديا قبيلي سان هيو، جيڪو پُٺتي پيل قبيلو آهي ۽ ماڻهن جي وِندُرَ (انٽرٽينمينت) جو ڪم ڪندو آهي.[1][6] هن روايتي ناچ ۽ ڳائڻ جي سِکيا ڪانپور گهراڻو جي استاد تري موهن لال ۽ هاٿرس گهراڻو جي استاد محمد خان وٽان حاصل ڪئي ۽ سال 1931 ۾ 13 سال جي ڄمار ۾ استاد تري موهن لال سان گڏ پهريون ڀيروعوام اڳيان پنهنجا جوهر ڏيکاريا. تُرت ئي هن پنهنجو الڳ انداز اختيار ڪري ورتو ۽ عوام ۾ گوبا جان جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
پنهنجي مقبوليت کي ڏسندي هن پنهنجي الڳ ڪمپني ٺاهي ۽ ان جو نالو دي گريٽ بلاگ ٿيٽر ڪمپني رکيائين. پر سندس استاد تري موهن هن جي ان قدم سان خوش نہ هيو.[4] ڪمپني تُرت ئي مشهور ماڻڻ لڳي ۽ شهرت جي منزلن کي پار ڪرڻ لڳي. گلاب جان جي اداڪاري، سندس نِرالو انداز ۽ جوڀن جواني عوام کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪايو ۽ سال 1960 جي ڏهاڪو سندس عروج جو زمانو هيو.[2] هن پنهنجي ننڍي ڀيڻ سوخ بدن (نندا گوها) کي پڻ پنهنجي ڪم ۾ شامل ڪيو جيڪا پوءِ پاڻ هڪ سُٺِ اداڪارا بڻجي وئي.[4] هن جي ڌيءُ مڌو پڻ مشهور اداڪارا هئي. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ ٿيٽر جو زوال ٿيڻ لڳو.[6]
سال 1990۾ هندستان جي حڪومت هن کي هندستان جو چوٿون وڏو شهري ايوارڊ پدم شري سان نوازي سندس ڪم ۽ خدمت جي واکاڻ ڪئي.[5] انکان 6 سال پوءِ 70 سال جي ڄمار ۾ هيءَ هن جهانَ منجهان لاڏاڻو ڪري وئي.[1] ديپتي پريا گلاب ٻائي، دي ڪوين آف نوٽنڪي ٿيٽر جي نالي سان هن جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو پينگوئن پاران ڇاپيو ويو.[7] مئي 2014 تي ڪانپور ۾ هڪ ناٽڪ (ڊرامو) ٺاهيو ويو، جنهن ۾ گلاب ٻائي جي زندگي کي ڏيکاريو ويو.[8]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 Ananda Lal. "Gulab Bai (1926–96)". The Oxford Companion to Indian Theatre. ISBN 978-0-19-564446-3. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ 2.0 2.1 "Dying Drama". Booji. وقت 10 مئي 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Check date values in:|access-date=, |archive-date=
(مدد) - ↑ "Amazon profile". Amazon. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ 4.0 4.1 4.2 "Biography Page 179". Rediff. حاصل ڪيل 29 سيپٽمبر 2015. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ 5.0 5.1 "Padma Awards" (PDF). Ministry of Home Affairs, Government of India. حاصل ڪيل 21 جولاءِ 2015. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ 6.0 6.1 "Penguin Books profile". Penguin Books. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015. Check date values in:
|access-date=
(مدد) - ↑ Deepti Priya Mehrotra (2006). Gulab Bai: The Queen of Nautanki Theatre. Penguin India. pp. 318. ISBN 978-0-14-310043-0. https://books.google.com/books/about/Gulab_Bai.html?id=tjyemJStPpUC&redir_esc=y.
- ↑ "Actors and theatre artists watch the play 'Gulab Bai' in Lucknow". Times of India. حاصل ڪيل 29 سيپٽمبر 2015. Check date values in:
|access-date=
(مدد)
ٻاهريان ڳنڍڻا
سنواريو- "Legendary artist Gulab Bai ( Queen of Nautanki Theatre )". يوٽيوب video. Kalakunj. حاصل ڪيل 3 February 2020.