گزيٽئر (خبارنامو) (Gazetteer) دراصل ڪنهن ملڪ، علائقي، صوبي يا ڪنهن ضلعي جي مڪمل جاگرافيائي معلومات، دستي ڪتاب، معلوماتي گڏ رکڻ وارو ڪتاب يا اهڙو ڪتاب، جنهن ۾ هر قسم جي ملڪي معلومات ڏنل هجي. تاريخي طور ڏسجي تہ 1822ع ۾ انگريزن، ڏکڻ ايشيا متعلق پهريون گزيٽئر Walter Hami Han’s East India Gazetteer شايع ڪيو. 1844ع ۾ افغناستان ۽ هندستان جي گڏيل گزيٽيئر ڇپيو: Gazetteer of the countries Adjacent to India on the North West Scandal, Afghanistan, Balochistan, the Punjab and Neighboring States اي. ڊبليو هيوز 1874ع ۾ ’A Gazetteer of the Province of Sindh‘ جي نالي سان، سنڌ جي تاريخ جو پهريون صوبائي گزيٽئر مرتب ڪيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.