گريگري ڊئوڊ رابرٽس

گريگري ڊئوڊ رابرٽس 1952ع ۾ آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ڄائو.

سوانح سنواريو

انگريزي ناول شانتا رام (Shantaram) جو ليکڪ گريگري ڊئوڊ رابرٽس جنهن پنهنجو نالو بدلائي ڏهه سال کن ممبئي جي مڪاني ماڻهن سان زندگي گذاري، هو هڪ ڌاڙيل هو، جيڪو پنهنجي وطن آسٽريليا ۾ بئنڪن ۽ امير ڪمپنين جون ڦرون (Robberies) ڪندو رهيو. هيروئن، نشي جو سخت عادي هو. رابرٽس جو ناول شانتا رام فڪشن (افسانو) به آهي ته سندس زندگي جي حقيقت ۽ آتم ڪٿا به، ان ڪري ڪيترا پڙهندڙ هن ناول کي Faction سڏين ٿا، يعني Fiction ۽ Facts جو مڪسچر.

  • ٽن مهينن ۾ 24 ڦرون

رابرٽس لاءِ مشهور آهي ته 1977ع ۾ رڳو ٽن مهينن ۾ هن هٿيارن جي زور تي مختلف بئنڪن، دڪانن ۽ آفيسن مان 24 ڦرون ڪيون. رابرٽس لاءِ چون ٿا ته هو شروع ۾ چرس ۽ هيروئن جي نشي جو عادي نه هو، پر سندس شادي ختم ٿيڻ تي ۽ ڪورٽ طرفان سندس ڌيءَ سندس حوالي نه ٿيڻ تي، هو سخت نشئي ٿي پيو ۽ پوءِ نه چاهيندي به، نشي جي پورت لاءِ، هن کي ڌاڙا هڻڻا پيا ٿي. رابرٽس “جينٽلمئن بئنڊٽ” ۽ “بلڊنگ سوسائٽي بئنڊٽ” جي نالن سان به سڏيو ويو ٿي. جو هن رڳو انهن بئنڪن، دڪانن ۽ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي آفيسن جي ڦر ڪئي ٿي، جيڪي ويمو (Insuarance) ٿيل هيون. هو سدائين ٿري پيس سوٽ (ڪمپليٽ سوٽ) پائي پوءِ ڦر لاءِ نڪرندو هو ۽ جن ماڻهن کي ڦريو ٿي انهن سان فضيلت سان ڳالهايو ٿي ۽ کين ’پليز‘ ۽ ’ٿئنڪ يو‘ چيو ٿي.

1978ع ۾ رابرٽس جهلجي پيو ۽ کيس آسٽريليا جي بدنام جيل پيٽرج ۾ سخت پورهئي سان 19 سال ٽيپ اچي وئي. هيءَ جيل آسٽريليا جي وڪٽوريا شهر ۾ آهي، جتي وڏا ڌاڙيل ۽ خوني رکيا وڃن ٿا ۽ جتي ڏاڍي سخت سيڪيورٽي جو بندوبست رهي ٿو. رابرٽس اهڙين حالتن جي باوجود 1980ع ۾ ڏينهن ڏٺي جو جيل مان ڀڄي ويو ۽ کيس آسٽريليا جي “موسٽ وانٽيڊ” ڏوهارين مان هڪ قرار ڏنو ويو. پوءِ رابرٽس ٻڌايو ته هو جيل مان هرگز نه ڀڄي ها، پر هن کي جيل ۾ نه رڳو اڪيلو رکيو ويو پر سخت ٽارچر به ڪيو ويو.

جيل مان ڀڄي وڃڻ کانپوءِ آسٽريليا جي پوليس هن اشتهاري ڏوهيءَ کي آسٽريليا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليندي رهي ۽ هي نالو ۽ ويس بدلائي ممبئي کان اچي نڪتو. هو دراصل پهرين نيوزيلئنڊ ويو جيڪو ٻيٽ آسٽريليا جي بلڪل ويجهو آهي ۽ جتي آسٽريليا کان نه فقط هوائي جهاز پر پاڻي جا جهاز ۽ ٻيڙيون به اينديون وينديون رهن ٿيون ۽ نيوزيلئنڊ تي به انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري آسٽريليا جي رهاڪن ک نيوزيلئنڊ وڃڻ تي ڪا جهل پل نه هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ اميگريشن جا قاعدا قانون ايترا سخت نه هئا.

رابرٽس پنهنجي ناول ’شانتا رام‘ جي اهم ڪردار جي به هوبهو اها ئي آکاڻي لکي آهي ته هو جيل مان ڀڄي لنڊسي فورڊ نالي همراهه جي نقلي پاسپورٽ تي ممبئي آيو.

ممبئي پهچڻ کانپوءِ جلد ئي هن جي ملاقات پرڀارڪر نالي هڪ مڪاني مرهٺي سان ٿي، جنهن کي هو گائيڊ طور پگهار تي رکي ٿو ۽ جلدي هو سٺا دوست ٿي وڃن ٿا. پرڀارڪر ڳوٺ وڃڻ تي هن گوري پرديسيءَ کي به پاڻ سان وٺي وڃي ٿو، جتي هن جي ماءُ پنهنجي پٽ جي انگريز دوست کي هندستاني نالي شانتا رام سان سڏي ٿي. ممبئي موٽڻ وقت رستي تي، رات جي وقت پرڀارڪر ۽ شانتا رام جي ڦر ٿئي ٿي. شانتا رام جو الهه تلهه کسجي وڃي ٿو ۽ هن کي ڪنهن غريب علائقي جي جهڳي پاڙي (Slums)| ۾ رهڻو پوي ٿو. ايتري قدر جو شانتا رام وٽ ان جهونپڙيءَ ۾ رهڻ جي مسواڙ به ناهي ۽ حڪومت طرفان هن کي ان ۾ مفت رهڻ جي اجازت ملي ٿي. جنهن ڏينهن شانتا رام ان جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ اچي ٿو، ان ڏينهن ان علائقي ۾ باهه لڳي ٿي ۽ اتي جي رهندڙ غريبن جو گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو. شانتا رام اتي جي غريبن جي مدد لاءِ مفت جي ڪلينڪ کولي ٿو، جيئن هو ان غريب ڪميونٽي جي مدد ڪري سگهي. هو ان غربت واري ماحول ۾ اتي رهي پنهنجي زندگي گذاري ٿو. مڪاني ماڻهن جي رسم ۽ رواج ۽ ثقافت کان واقفيت حاصل ڪري ٿو. هو جلدي ئي مرهٺي زبان سکي وٺي ٿو.

شانتا رام جو ڪارالا نالي هڪ سوئز آمريڪن عورت سان عشق به ٿئي ٿو، پر هوءَ هن کي لفٽ نٿي ڪرائي ۽ پوءِ هو آهستي آهستي ممبئي جي ڏوهارين سان ملي نشي جي شين ۽ غير قانوني هٿيارن جو ڌنڌو ڪري ٿو ۽ نيٺ جهلجي پوي ٿو ۽ ممبئي جي آرٿر روڊ واري جيل ۾ قيد جي سزا کائي ٿو. جيل ۾ هن کي سخت مار موچڙو ٿئي ٿو، جنهن کان جيل جو هڪ افغاني مافيا ڊان عبدالقادر خان گارڊن کي رشوت ڏئي هن کي بچائي ٿو. جيل مان آزادي ملڻ تي هو عبدالقادر لاءِ بليڪ مارڪيٽ ۽ جعلي پاسپورٽ ٺاهڻ جو ڪم ڪري ٿو. هو افغانستان به وڃي ٿو، جتي هو افغان مجاهدين لاءِ هٿيار اسمگل ڪري ٿو، سندس ليڊر عبدالقادر جي قتل ٿيڻ تي هو سخت ڊپريشن ۾ هليو وڃي ٿو. هو نيڪ ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ جي جدوجهد لاءِ سري لنڪا وڃڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو ۽ اتي هي ناول ختم ٿئي ٿو.

اصل زندگي سنواريو

اصل زندگيءَ ۾ به هن ناول جو ليکڪ رابرٽس ائين ئي ڪندو رهيو. پر اصلي زندگيءَ ۾ نيڪ ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ هو سري لنڪا نه ويو پر جرمني ڏي هيروئن اسمگل ڪري رهيو هو، ته فرئنڪفرٽ ايئرپورٽ تي جهلجي پيو. هيءَ سال 1990ع جي ڳالهه آهي. کيس سندس ملڪ آسٽريليا ڏانهن اماڻيو (extradite) ويو، جتي هن کي پنهنجي پراڻي سزا جا ڇهه سال جيل ۾ گذارڻا پيا، جن مان ٻه سال کيس اڪيلي (Solitary Confinement) ۾ رکيو ويو. رابرٽس پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته انهن 6 سالن جي جيل دوران هو هڪ ڀيرو وري جيل مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، پر ٻاهر نڪري هن کي يڪدم احساس ٿيو ته لڪ ڇپ جي زندگيءَ کان بهتر آهي ته سزا جو مدو پورو ڪجي. تنهنڪري پوليس ۽ جيل جي واسطيدار عملدارن کي رشوتون ڏئي پنهنجو پاڻ کي چپ چاپ جيل اندر اسمگل ڪرائين. ڇو جو جيل جو عملو هن جي ڀڄڻ جي واويلا ڪري ها ته ان ڏوهه ۾ کيس وڌيڪ سال ٻه سزا اچي وڃي ها.

آسٽريليا جي جيل ۾ رابرٽس جڏهن ٻيو دفعو آيو ته هن کي هي ناول لکڻ جو خيال پيدا ٿيو. جيل ۾ لکڻ دوران جيل وارڊن هن ناول جي اسڪرپٽ (Manuscript) ٻه دفعا ضايع ڪري ڇڏي. بهرحال جيل مان نڪرڻ کانپوءِ رابرٽس ان کي پورو ڪري “شانتا رام” نالي سان ناول جي صورت ۾ ڇپرايو.

امن جو انسان سنواريو

”امن جو انسان” ۾ رابرٽس پنهنجي انٽرويو ۾ اهو به ٻڌايو آهي ته هو هن سيريز جا ٽي ٻيا ڪتاب به لکي رهيو آهي، جن مان هڪ “The Fountain Shadow” سال 2010ع جي آخر تائين مارڪيٽ ۾ اچڻو هو. ممبئي جي هڪ اخبار ۾ هن ڪتاب جي تبصري سان گڏ اهو پڻ ڄاڻايو ويو هو، ته هن ناول ۾ رابرٽس جو جيڪو پرڀارڪر نالي دوست ٻڌايو ويو آهي، ان جو حقيقت ۾ نالو ڪشور آهي. هو ممبئي ۾ ٽئڪسي ڊرائيور آهي.

ناول تي فلم سنواريو

هن ناول تي بالي ووڊ جو ڊائريڪٽر ميرا نير فلم پڻ ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ اهم ڪردار اميتاڀ بچن کي ڏيڻ جو ارادو آهي.

ممبئي ڏانهن واپسي سنواريو

شانتا رام ناول جو ڌاڙيل ليکڪ رابرٽس (گريگري ڊئوڊ رابرٽس) باقي پنهنجي سزا آسٽريليا جي جيل ۾ گذارڻ کان پوءِ ڪجهه عرصو ميلبورن (آسٽريليا) ۾ رهيو، ان کان پوءِ جرمني ۽ فرانس ۾ رهڻ رهڻ کانپوءِ ممبئي موٽي آيو ۽ هاڻ ممبئي ۾ ئي رهي ٿو. هن شهر جي غريبن جي صحت جي خيال لاءِ هن هڪ ادارو ٺاهيو آهي. سندس وڇڙي ويل ڌيءَ به هاڻ ساڻس گڏ رهي ٿي. رابرٽس پنهنجي انٽرويو ۾ اهو به ٻڌايو ته “ڌاڙيل ٿيڻ کان اڳ آئون ليکڪ هوس. مون کي ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هو.”

انٽرويو سنواريو

رابرٽس پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ بيان ڪري ٿو ته هو هڪ ڌاڙيل هو، هو ڏوهاري هو، پر ممبئي جي دوست ۽ ان جي ماءُ کي اها خبر نه هئي. هنن هن کي شريف ماڻهو سمجهيو ٿي ۽ جڏهن دوست جي ماءُ هن تي شانتا رام “امن جو انسان” نالو رکيو ته رابرٽس ٻڌائي ٿو ته هو ان ڏينهن اڪيلو اڪيلو جنگل ۾ هليو ويو، جتي هن سڏڪا ڀري رنو ته هنن غريب ماڻهن شايد هن ۾ ڪا نيڪي ڏٺي هجي، جنهن جي هن کي ڄاڻ ناهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-07