گرمکي رسم الخط (Gurmukhi Script) بنيادي طور تي سکَ پنجابي لکتن لاءِ استعمال ٿيندو آھي، پر سنڌي لکت لاءِ بہ ھن رسم الخط جي تاريخ پراڻي آھي. چيو وڃي ٿو تہ گرمکي رسم الخط، برھمي ۽ ديوناگري لپين مان جڙيو آھي، پر ڪجهه حرف ان ۾ ديو ناگريءَ کان بہ پراڻا آھن. سک مذھب جي گرونانڪ ۽ ٻين گـُرن جو ڪلام ۽ مذھبي چوڻيون ھن رسم الخط ۾ محفوظ آھن. ھن رسم الخط جي سُڌاري ۾ گرو آريڻ جو وڏو ھٿ ھو. ھن نہ صرف ڪن حرفن کي ملائي بھتر بڻايو، پر ڪن حرفن کي جوڙي رسم الخط ۾ شامل ڪيو. گر مکي الف. ب کي پبنيٽس اکري (اڌ اکري) چيو ويندو آھي، ڇو تہ ھن ۾ ڪل 35 حرف ٿين ٿا. گرمکي رسم الخط جي گجراتي رسم الخط سان بہ ڪافي ھڪ جھڙائي آھي.گر مکيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اٽڪل 1610ع ۾ ھن رسم الخط ۾ اصلاح ۽ تبديلي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اصل آوازن ڳ، چ، ڏ، ٻ کي ان رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ ھيٺيان ليڪ ڏبي يا ٽٻڪا لڳايا ويندا آھن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.