گرجي نامہ(انگريزي: Gurji Nama) ھڪ ڪتاب ۽ فارسي شاعري جو مجموعو جنھن ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ان جي خاندان جي شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي.ڊاڪٽر گل حسن لغاري ھن ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکيو آهي تہ:هيءُ ڪتاب محترمه خانم فائزه زهرا مرزا، ليڪچرر فارسي، گورنمينٽ خواتين ڪاليج مارگلہ (اسلام آباد) جي محنتن، تصحيح ۽ مقدمي سان، انتشارات مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاسڪتان، اسلام آباد مان تازو شايع ٿيو آهي. هن اهم ۽ ناياب ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ رهبري ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحي ڪئي آهي. ”گُرجي نامہ“ جي نالي جي نسبت، خود مرزا صاحب پنهنجي اصل نسل ۽ وڏن ڏانهن منسوب ڪئي آهي. ۽ پاڻ پنهنجي ڪتاب ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ لکي ٿو ته ”منهنجو نانو ۽ پيءُ، ٻيئي اصل جارجيا يا گرجستان جي گاديءَ جي هنڌ ٽفلس شهر جا ويٺل هئا. اُتي ڄاوا هئا، تنهنڪري ”گُرجي“ يا ”جارجين“ سڏبا هئا ۽ اسين سندن اولاد اڃا تائين ”گُرجي مرزا“ سڏبا آهيون.“ ”گُرجي نامہ“ ۾ جن شاعرن جو ڪلام مرزا صاحب گڏ ڪيو آهي، اُنهن ۾ اول مرزا خسرو بيگ گرجي جا طبعزاد اشعار آهن، جن ۾ غزليات، مقطعات و مثنويات، مفردات، رباعيات ۽ قصائد شامل آهن. سندس تخلص ”خسرو“ آهي. مرزا خسرو بيگ کانپوءِ مرزا فريدون بيگ ”قانع“ جا چونڊ شعر، غزليات، رباعيات ۽ سَجعون ڏنل آهن. هڪ رباعيءَ ۾ حضرت علي عليہ السلام کي خدا تعالى جي الهام جو خزانو قرار ڏئي ٿو. الهام، اُها ڪيفيت يا حالت آهي، جنهن کي رب تعالى پنهنجي طرفان ٻانهي جي دل ۾ تلقين جي صورت ۾ وجهي ٿو.[1] مرزا فريدون بيگ ”قانع کانپوءِ مرزا قليچ بيگ پنهنجي اشعار کي ”قليچ“ جي تخلص سان پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ غزل به آهن ۽ هر هڪ غزل کي عنوان ڏنو آهي. مرزا خسرو بيگ ”خسرو“ ۽ مرزا فريدون بيگ ”قانع“ به ساڳي روش سان غزل چيا آهن ۽ رباعين ۾ به عنوان ڏيئي رباعيون لکيون آهن. ”گُرجي نامہ“ ۾ سندس پهرين غزل ”بگذار با دانشوران“ ۾ آهي ته دانشورن کي پاسيرو رک، حقيقت شناس ٿيءُ، سلوڪ ۽ عرفان جي مردن واير راهه اختيار ڪر، مڪر ۽ فريب سان شعر و سخن کي سينگاريندڙ دانشورن کي ڇڏي ڏي ۽ فضول بحث و تڪرار وارن کي پنهنجي حال ۾ رهڻ ڏي.[2] قليچ“ جي فارسي ڪلام ۽ گُرجي خاندان جي ٻين نيڪنام ۽ باوقار بزرگن جي منظوم شهپارن ۾ تاريخ، ثقافت ۽ سنڌ جي وسريل حالتن جي نشاندهي ٿئي ٿي. ”گرجي نامہ“ فارسي شاعريءَ جي صورت ۾ سنڌجو هڪ ”تاريخي ۽ تحقيقي دستاويز“ آهي، جنهن جو ڳوڙهي مطالعي جي ضرورت آهي. محترمہ فائزه زهرا مرزا (بنت محترم اعجاز علي بيگ مرزا) کي جس هجي، جنهن پنهنجي پڙ ڏاڏي شمس العلماء جو هيءُ قيمتي خانداني دستاويز، نهايت سليقي سان ايڊٽ ڪري وڏي اهتمام سان شايع ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب شعر و ادب ۽ سخن جو بي مثال شاهڪار آهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. {ڊاڪٽر گل حسن لغاري طرفان ”گرُجي نامہ“ ڪتاب جو هڪ تعارف، مھراڻ رسالو سال 2003، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  2. {ڊاڪٽر گل حسن لغاري طرفان ”گرُجي نامہ“ ڪتاب جو هڪ تعارف، مھراڻ رسالو سال 2003، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  3. {ڊاڪٽر گل حسن لغاري طرفان ”گرُجي نامہ“ ڪتاب جو هڪ تعارف، مھراڻ رسالو سال 2003، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }