گجراتي رسم الخط (Gujrati Script) براھمي جي رسم الخط مان اُسريو آھي، گجراتي لکت جو طريقو ديو ناگري حرفن تي آڌاريل آھي. گجراتيءَ جي سڀ کان اوائلي لکت 1592ع جي موجود آھي. گجراتيءَ کي صرافي يا وڻج واپار واري رسم الخط بہ چيو ويندو آھي. گجراتي رسم الخط کاٻي کان ساڄي طرف لکبو آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.