گارگي واچڪنوي

آڳاٽي هندستاني فلسفي

گارگي واچڪنوي (انگريزي ٻولي: Gargi Vachaknavi) مسيح کان ست سئو سال اڳ جي هڪ آڳاٽي ڀارتي فلسفي هئي. ويدڪ ادب ۾، هوءَ هڪ عظيم قدرتي فلسفي، ويدن جي معروف عالم، ۽ برهمڻ وديا جو علم رکڻ واري برهمن عالما (اسڪالر) طور سُڃاتي ويندي آهي. برهدارنياڪ اپنشد جي ڇهين ۽ اَٺين برهمنا ۾ سندس نالو انهيءَ ڪري نمايان آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وديا جي راجا جنڪ جي طرفان منعقد ٿيندڙ فلسفياڻو بحثن ۾ برهمانا ۾ حصو وٺندي هئي ۽ روح جي مسئلن تي مُنهجهائيندڙ سوالَ پڇڻ وسيلي بابا ياجاوالڪيا کي چيلنج ڪندي هئي. اهو پڻ چيپ ويندو آهي تہ رگ ويد ۾ ڪيترائي سندس ڀڄن لکيل آهن. سندس برهمني اڀياس کي روايتي هندن انهيءَ عبادت ۾ آڻيو آهي.[1]

احوالُ سنواريو

واچڪنوي جو زمانو گرڪ زمانو (800- 500 قبل مسيح) هيو، سندس پيءُ بابا واچنڪو هيو. گارگي جو نالو سندس پيءُ جي نالو سبب گارگي واچڪنوي سڏيو ويو آهي، ننڍپڻ کان ئي هن ويدن جي لکتن (متَ) ۽ فلسفو ۾ گهڻي دلچسپي شروع ڪري ڌني هئي. هوءَ ان ميدان ۾ گهڻي قابل ۽ پنهنجي زماني جي استاذ سمجهي ويندي هئي.هوءَ ويدڪ زمانو ۾ ويدن ۽ اپنشدن جو گهڻو وڏو علم رکندڙ مشهور هئي، ٻين فلسفين سان گڏجي فڪري بحث مناظرا پڻ ڪندي هئي. واچڪنوي هڪ مهارِشي (هندن جي وڏي مذهبي شخصيت) جي ڌيءُ هئي، جنهن جو نالو واچڪان هيو. هو گرگ گوتر کان هجڻ سبب گارگي جو نالو سان مشهور آهي.

ڌرمي ڪتابن ۾ ذڪر سنواريو

برهدارنياڪ اپنشد ۾ ياجاوالڪيا جي سان گڏ هڪ گهڻي سُهڻي (خوبصورت) مناظرو جو ذڪر اچي ٿو. هر ڀيري، مهاراجا جنڪ خيال ۽ عقيدن خاص ڪري روح سان لاڳاپيل مناظرو ۽ بحث جي لاءِ هڪ مجلس سڏائي ۽ هڪ هزار ڳئون پڻ گهرايون. سمورن فلسفين چيو تہ هو انهن ڳئونِ کي زندهہ وٺِي وڃڻ چاهين ٿا، پر ڪير بہ ڊَپَ کان اڳتي نہ وَڌيو. تڏهن ياجولنڪيا جي پنهنجي هڪ شاگرد کي چيو تہ: ٻچا! انهن ڳئونِ کي پنهنجي پاڻ سان گڏ هتان کان وَٺي وَڃ.

اهو ٻُڌي، سڀني شاگردن ياجولنڪيا جي کان پڇڻ شروع ڪيو. ياجولنڪيا جي جيتري جلدي ممڪن ٿيو سڀني جي سوالن جا جوابَ ڏنا. ان گڏجاڻي (مجلس) ۾ برهما گارگي جي کي پڻ سڏايو ويو هيو، هوءَ ياجولنڪيا جي سان ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ جي لاءِ اُٿي بيٺِي. ان پُڇيو تہ: خدايا! جهڙي ريت هي سمورا مادا، پاڻيءَ ۾ ڀريل آهن، انهيءَ ريت پاڻي ڪنهن ۾ ڀريل آهي.؟

حوالا سنواريو