گُئار هتي سنڌ ۾ گئار جون ڦريون به ڀاڄيءَ وانگي ڪم آڻيندا آهن. هي خريف جي موسم ۾ جوار، ٻاجهري ۽ ٻين اَنن سان گڏ ٻنين ۾ پوکبِي آهي ۽ اڪثر اُٺن جي لاءِ پوکڻ ۾ ايندي آهي، پر ماڻهوءَ ان جون ڪچيون ڦريون ڇني ساڳ ڪندا آهن يا ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. بعضي ته سڪائي به رکندا آهن. گئار جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪڙي وڏين ڦرين واري جا ڀاڄيءَ وانگيان کائڻ ۾ ڪم ايندي آهي ۽ ٻي ننڍين ڦرين واري، جا اٺن جي گاهه لاءِ ڪم ايندي آهي. گئار هاڙ ٻي به ڄمندي آهي پر اها رڳي گاهه جي ڪم ايندي آهي. گئار کي انگريزيءَ ۾ ”فيلڊو هيچ“ چون ٿا.[1]

گئار جو ٻوٽو
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو