ڪٽ (ٻيا نالا: ع. طاليفون، ف. روئين، ھ. ڪانسہ) هيڊي رنگ تي ڌاتوءَ جو قسم آهي جو ٻہ–ٽي ڌاتو گڏي ٺاهيو ويندو آھي.

طب سنواريو

هن مان آرسي جوڙائي لقوي واري کي استعمال ڪرائجي يعني لقوي وارو اها آرسي ڏسندو رهندو ته منھن جي ٽيڏاڻ ڇڏي ويندي. هن کي ساڙي ٻورو ڪري ڦٽن ۽ ناسورن تي مرهم ڪري رکجي تہ اهي ڇٽي ويندا.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.