مک مينيو کوليو

”ڪيلشم                Calcium“

”اصغر ساگر“

ڪيلشم اسان جي ھڏين جي صحت لاء ضروري جز آھي. اسان جي جسم ۾ رت جي رواني ۔ ھارمون تي ضابطي ۽ اعصابي تسلسل لاء ڪارگر آھي. جسم کي ڪيلشم نہ ملڻ جي صورت ۾ ھڏيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ۔ چمڙي ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي ۽ مختلف ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڏي جي مضبوطي ۽ بناوٽ لاء ڪيلشم ضروري آھي. جسم ۾ پاتي ويندڙ 99 سيڪڙو ڪيلشم ھڏين ۾ پاتي وڃي ٿي. جسم ۾ ڪيلشم جي مختلف ھنڌن تي ضرورت پوي ٿي مثال پٺن جي ڪم ڪرڻ لاء، اعصابي نظام وغيرھ. جسم جي ھڏين جي افزائش ۽ جوڙجڪ  ۾ ڪئلشم اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻار کان 24سالن جي عمر تائين ڪئلشم ھڏين جي اوسر ڪري قد وڌائي ٿي ۔ ھڏين کي مضبوطي ڏئي ٿي ۽ مڪمل نشونما جي مرحلي کي پورو ڪري ٿي. 24 سالن کان پوء قد وڌڻ جا مرحلا رڪجي وڃن ٿا. ان ڪري ٻار جي ڄمندي ٻار جي قد وڌائڻ جي سوچ کي اپنائجي. وٽامن ڊي جو استعمال ڪندو رھجي ان سان گڏ پروٽين کي کاڌي ۾ شامل ڪجي.

ڪيلشم ڇا آھي :-

نشاني Ca ۽ ايٽمي نمبر 20 سان ڪيلشم ڪيميائي عنصر آھي. الڪلائيني ڌاتو ڪيلشم ردعملي ڌاتو آھي جيڪو آڪسائيڊ۔نٽرائيڊ جو ڪارو تھ ٺاھي ٿو جڏھن ھوا ۾ اچي ٿو. انهي جو طبيعاتي ۽ ڪيميائي خاصيتون پنھنجي ڳرن ھومولوگس اسٽرونيم Homologues strontium ۽ بيريم Barium سان گهڻو ڪري ساڳائپ رکن ٿيون.

ڪيلشم جي ماھيت :-

دريا خان سنڌي مطابق ”ڪيلشم هڪ اڇي رنگ جي چمڪدار ۽ نرم ڌات آهي، جيڪا دنيا ۾ آزاد حالت ۾ نہ ٿي ملي پر هميشہ مرڪبن جي شڪل ۾ ملي ٿي. هي اسان جي جسماني بناوت جو هڪ اهم جزو آهي، ۽ مناسب جسم واري ماڻهوءَ ۾ تقريبن 1200 گرام مقدار ۾ موجود هوندي آهي. هڏن جي بناوت  ۾ ڪئلشيم هڪ لازمي جزو آهي، جيڪو هڏن کي ان جي سختي ڏئي ٿو. هڏي جي بناوت ۾ پروٽين جي سخت ڌاڳن جي وچ ۾ ڪيلشيم جا مرڪب پيوند هوندا آهن، جيڪي رت ذريعي هڏي تائين پهچن ٿا، ائين هڏي ۾ مستقل ٽوڙ ڦوڙ ۽ نشونما جو مناسب عمل جاري رهندو آهي.“

ڪيلشم ۽ رت جو تعلق :-

جيڪڏھن ﺭﺕ ۾ ڪيلشم ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﺎﮪ رڪجڻ ﺟﻮ ﺧﻄﺮﻭ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ جيڪڏھن ڪﻴﻠﺸﻢ ﻭﮄﻱ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ﺩﻝ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ڪﻢ ڇڏي ڏﺋﻲ ٿي. ﻗﺪﺭﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺭﺕ ﭘﺎﮠ ۾ ڪيلشم ﺟﻲ ﻣﻘﺪﺍﺭ ﮐﻲ ﺿﺎﺑﻄﻲ ۾ ﺭﮐﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ . ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺭﺕ ۾ ڪيلشم ﺯﻳﺎﺩﮪ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ﺍﮬﺎ ھڏين ۾ ڪٺي ﭤﻴﮡ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪي آھي ۽ ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺭﺕ ۾ ڪيلشم ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ھڏين ﮐﺎﻥ ڪيلشم ﺭﺕ ۾ ﺍﭼﮡ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﮬﻲ. اھڙي ﺻﻮﺭﺕ ۾ ڪنھن ﺑﮧ ﺳﺒﺐ ﮐﺎﻥ ھڏي ﺟﺎ ﻣﺎﺩﺍ گهٽ ﭤﻴﮡ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ ۽ Bone mineral density ھڏي ﺟﻲ ﻣﻌﺪﻧﻴﺎﺗﻲ گهاٽاڻ گهٽ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ.

ڪيلشم ۽ وٽامن سي جو تعلق :-

وٽامن سي ۽ ڪيلشم پاڻ ۾ لازم ملزوم آھن جيڪي جسم کي کي مختلف مرحلن مان گذارين ٿا. وٽامن سي تاندورن Tissues کي واڌ ويجھ ڏئي ٿي ۽ انهن جي مرمت ڪري ٿي جنھن جي ڪري تاندورا ھڏن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪن ٿا. وٽامن سي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪئلشم کي ھڏن جي موافق بنائي ٿي ۽ پروٽين کي گهٽ ڪري ۽ وائرسن کي ماري ھڏن جي فعاليت وڌائي ٿي. وٽامن ڊي ڪئلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي گڏوگڏ وٽامن سي ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۔ ميڳنيشم ۽ بورون ڪيلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ھڏي جي مايي کي وڌائين ٿا. وٽامن سي پھرين وٽامن ڊي کي تحليل ڪندي آھي ۽ ان کان پوء وٽامن ڊي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪيلشم کي ھڏين جو حصو بنائيندي آھي. وٽامن سي يا گجري جا اثر نارنگي ۔ مالٽا ۔ ليمي ۔ ڌاڻي ۽ ڪاري مرچ ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي آنڊن ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جو تعلق :-

ھڏين جي ڪمزوري جو ھڪ سبب ڪيلشم سان گڏ وٽامن ڊي جي کوٽ ٿئي ٿي. ان کان پوء جسم جي ٻين عضون جو وارو اچي ٿو. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ ھارمون وانگر ڪم ڪري ٿي ۽ جسم جي ھر گهرڙي ۾ پنھنجي پھچ کي يقيني بنائي ٿي ۽ وار ۔ اکيون ۔ دل ۔ بڪيون جيرو ۽ ھڏيون سڀ وٽامن ڊي گهرن ٿيون. ھي جسم ۾ ڪيلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪري ٿي ۽ کين ترڪيب ڏئي ٿي. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. جسم ۾ ڪئلشيم جي سرشتي لاءِ وٽامن ڊي جو هئڻ بہ لازمي اهي. هن وٽامن جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڪئلشم جو کاڌي مان رت ۾ جذب ٿيڻ ۽ هڏين ۾ پهچڻ اڻ مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ ٻارن ۾ نرم ھڏ Rickets ۽ وڏن ۾ ڪچ ھڏ Osteomlacia جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنھن ۾ هڏيون نرم ٿي پونديون آهن ۔ وزن جي داٻ سان مڙي پونديون آهن ۽ معمولي داٻ يا وزن سان ڀڄي سگهن ٿيون. جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، هڏين ۾ ڪئلشيم جو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري انهن ۾ لچڪ گهٽجي ويندي اهي. انهيءَ ڪري پوڙهن جا هڏا آسانيءَ سان ٽٽي پوندا آهن. پوڙھائپ ۾ پوڙھن کي ڪئلشم جو استعمال ضروري ڪرڻ کپي.

ڪيلشم ۽ مئگنيشم جو تعلق :-

مئگنيشم ۽ ڪيلشم ٻئي گڏجي ڪم ڪن ٿيون. مئگنيشم وٽامن ڊي جي ڪئلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪئلشم ۽ مئگنيشم رت جي رواني کي برقرار رکن ٿيون ۔ دل جي ڌڙڪي کي باقائدا ڪن ٿيون ۔ پٺن کي طاقت ڏين ٿيون.  ڪئلشم کي جذب ڪرڻ لاء مئگنيشم جي ضرورت پوندي آھي. ڪافي مئگنيشم کان سواء ڪئلشم نرم تاندورن ۾ ڪٺي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌن جي سور جو سبب ٿي سگهي ٿي. ڪيلشم سان گڏ مئگنيشم جي استعمال سان جسم مان Infection ڇوت ختم ٿي سگهن ٿا ۽ زخم جلدي مڙي سگهن ٿا. ان ڪري ڪئلشم سان گڏ مئگنيشم جو استعمال ضروري آھي.

ڪيلشم ۽ جست جو تعلق :-

جست ۽ ڪيلشم ٻئي اھم معدني جزا آھن جيڪي جسم ڪيترا ڪنجي ڪردار ادا ڪن ٿا. جست وچٿري واڌويجھ ڏئي ٿو ۽ زخم کي ڇٽائي ٿو. اھا ھاضمي ۽ سواد جي حس ۾ ڪم ڪري ٿي. جست ننڍي آنڊي ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڪيلشم جتي ھڏين جي نشونما ڪري ٿي جست اتي پٿ Haemoglobin  جي ترتيب ڪاري ڪري ٿو. جست ھڏن جي ڇوت کي ختم ڪري ٿو ۔ ھڏين جي اوسر کي مضبوط بنيادن تي وڌائي ٿو ۽ ھاضمي کي درست ڪري ٿو ۔ وارن کي مضبوط بنائي ٿو ۔ مدافعتي نظام کي بھتر بنائي ٿو ۽ زخمن کي جلدي ڇٽائي ٿو.

ڪيلشم ۽ ڄاول ٻار جو تعلق :-

ٻار جيئن ڄمندو آھي ان جون ھڏيون نرم ھونديون آھن. ڪئلشم جيئن ماء جي کير يا ٻين ڪيلشمي شين جي استعمال سان ڪئلشم ھڏن جو حصو ٿيندو ويندو آھي ۔ ھڏن ۾ واڌ ويجھ ٿيندي رھندي آھي ۽ ھڏن ۾ مضبوطي اچڻ شروع ٿي ويندي آھي. انهيءَ ڪري ٻارن کي کير جو مناسب مقدار ڏيڻ جي هدايت ڪئي ويندي آھي تہ جيئن هڏين جي چڱي نموني واڌ ويجھ ٿي سگهي. کير جي هڪ پوائنٽ ۾ گهڻو ڪري 600 ملي گرام ڪئلشيم هوندو آهي.

ڪيلشم ۽ ورزش جو تعلق:-

ورزش ڪرڻ سان جسم کلي ٿو ۽ قد وڌي ٿو. جڏھن توھان اھڙيون ورزشون ڪريو ٿا تہ چرٻي استعمال ۾ اچي ٿي ۽ ڪيلشم ھڏين ۾ جذب ٿي ھڏين جو حصو ٿي وڃي ٿي ۽ ھڏيون طاقت وٺن ٿيون.

روز ڪيتري ڪيلشم استعمال ڪرڻ کپي :-

عام حالت  ۾ هڪ مناسب وزن واري ماڻهوءَ کي روزانو تقريباََ 500 ملي گرام ڪئلشم جي ضرورت هوندي آهي. ڪئلشم جي ڪري ٻارن ۾ نشونما جو عمل تيز هوندو آهي، تنهن ڪري انهن کي روزانو 600 کان 700 ملي گرام ڪئلشم گهرجي. پيٽ وارين عورتن کي حمل دوران روزانو 1200 ملي گرام ڪئلشم گهرجي.

ڪيلشم جا وسيلا :-

ڪيلشم اسان کي ھنن شين مان ملي ٿي.

کير ۽ کير مان ٺھيل شيون

سايون ۽ پنن واريون ڀاڄيون

ڪئلشم مليل (Calcium-fortified) کاڄرو شيون

حصو ٻيو


قد وڌائڻ ۾ ڪيلشم جو ڪردار :-

ھڪ نئين ڪتاب جي مصنف ”بين ڪوٽس“ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح دنيا جي ھن قوم کير - ڏھي ۽ پنير جو استعمال ڪري پنھنجو قد وڌايو ۽ رشڪ جوڳي قوم بنجي وئي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق ڊچ قوم جي کير - پنير ۽ ڏھي صرف روز جي خوراڪ ناھي پر قومي علامتي حيثيت رکي ٿي. سون سالن تائين جڏھن نيڌرلينڊ جي ماڻهن پنھنجي آزادي جي جنگ وڙھي پنھنجي ڌرتي کي آزاد ڪرايو تہ انهن کي گاھ سان زرخيز ڌرتي ملي جاڏي ڪاڏي ساوڪ ملي ۽ گنج چراگاھ مليا. انهن ھزارين چوپايا جانور پاليا. کير ايترو عام ٿي ويو جو جھڙوڪر پاڻي کان جهجهو لڳو پئي. کير پيئندڙن کان کير وڌي ويو جو کير مان ڏھي - پنير ۽ مکڻ ٺاھڻ لڳا. ائين ڊچ قوم ۾ پنير اھم حيثيت ٺاھي ورتي ۔ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ عام استعمال ۾ اچي ويو. تقريبن ڏيڍ صدي پھرين ڊچ قوم يورپ ۾ سڀ ننڍي قد واري قوم ھئي پر پوين ڏيڍ سو سالن کان انهن پنير ۽ کير جو خوب استعمال ڪيو پر اڄ ڊچ قوم نہ صرف يورپ کان پر دنيا جي سڀني قومن کان  قداور قوم آھي. نيدر لينڊ ۾ عورتن جو سراسري قد 5 فٽ 7 انچ ۽ مردن جو سراسري قد 6 فٽن کان مٿي آھي. ماھرن مطابق ان سموري ڪارفرما ۾ ڊيري مصنوعات جو وڏو عمل دخل آھي. نيدرلينڊ ۾ کير مان ٺھندڙ شيون آمريڪا - برطانيہ ۽ جرمني جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ واپرايون وڃن ٿيون. ھن ملڪ جو مقبول ترين ناشتو پنير - بريڊ ۽ کير آھي. صبح جي وقت ماڻھو ريل گاڏين ۾ سفر ڪندي ماڻھو پنير ۽ کير مان ٺھيل شيون کائيندي نظر اچن ٿا. جڏھن اسان مٿئين عنوان تي نظر رکون ٿا تہ اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪيلشم قد وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ڇوجو ڪيلشم ھڏن جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي جنھن جي ڪري قد وڌڻ جي اوسر ۾ ڪابہ رڪاوٽ نٿي رھي. ماضي ۾ سنڌي گهرن ۾ مائرون ڄمندي ٻار کي مکڻ جو دڪو وجهنديون ھيون جنھن جا مثبت اثر زندگي جي آخر تائين رھندا ھيا ۽ ڄمندي ٻار جي ماء کي سچي گھ ۾ مختلف شين جي چورن ٺاھي ڏني ويندي ھئي يا روز بصري کارائي ويندي ھئي جنھن سان عورت جي جسم ۾ حيض جو زھريلو مادو خارج ٿي ويندو ھو ۽ صحتمند ٿي ويندي ھئي پر ھاڻي اسان جي سنڌي سماج ۾ کير مکڻ کائڻ واري روايت ختم ٿي وئي سڄو ڏينھن مالوند گهرن ۾ چانھ جا ٻاٽا ڪڙھن ٿا پيا. قد وڌائڻ لاء جتي ڪيلشم ضروري آھي اتي ٻار جي ڄمندي ان کي خشڪ گرم ۽ گرم خشڪ شين کان پاسو ڪرائڻ کپي ڇوجو ٻار جو ھڏ ڪمزور ٿيندو آھي ان جي گرم شين جي استعمال ڪرڻ سان ھڏين جي نشو نما رڪجي وڃي ٿي نتيجي طور ٻار جي قد ۾ رڪاوٽ جا امڪان اچي وڃن ٿا ۽ ٻار سدائين ڪمزور رھي ٿو.

ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿيندڙ عارضا :-

خشڪ چمڙي :-

بائپوسلڪيميا ۽ ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري چمڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ وارن ۾ ٻڦو اچو وڃي ٿو. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ايگزيميا ۔ تر ۔ موھيڙا ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا.

ٿڪ :-

جڏھن جسم ۾ جلدي ٿڪ ٿئي تہ سمجهجي تہ ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم سان ڀرپور غذائن کي استعمال ڪري سستي ۽ ٿڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ذھني دٻاء :-

مزاج کي ٺيڪ رکڻ لاء ڪيلشم جو استعمال ضروري آھي. ڪئلشم ۾ اھڙا عنصر آھن جيڪي ذھني دٻاء کان بچائن ٿا ۽ سڪون ڀريو احساس ڏين ٿا.

ننڊ نہ اچڻ :-

رات جو سڪون جي ننڊ نہ اچي ۽ بي چيني ھجي اھا ڪيلشم جي کوٽ طرف اشارو ڪري ٿي. اھڙي حالت ۾ ڪئلشم استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ڪئلشم ۾ اھڙا ھارمون ٿين ٿا جيڪي ننڊ ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

اڪثر بيمار ٿيڻ :-

اڪثر بيمار رھڻ ڪئلشم جي کوٽ طرف اشارو آھي ڇوجو جسم قوت مدافعت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ان ڪري ڪئلشم جي غذائن جي استعمال سان جسم کي ڪئلشم ملي ٿي ۽ قوت مدافعت وڌي وڃي ٿي.

ننھن جو ٽٽڻ :-

ننھن جو ڀرڀرو ٿيڻ ۔ ٽٽڻ ۽ اڇو نظر اچڻ ڪيلشم جي کوٽ آھن ڇوجو ننھن کي بہ ڪئلشم جي ضرورت پوي ٿي.

ڳيھڻ ۾ تڪليف :-

جيڪڏھن ڳيھي نہ سگهڻ جي شڪايت ھجي تہ اھا ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري ڳلي ۽ پٺن جو تعلق ٽٽي وڃي ٿو ۽ ڪنھن شي کي کائڻ ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو.

ڏندن جو درد :-

اسان جي جسم وڌيڪ ڪيلشم ھڏين ۽ ڏندن ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ڏندن جو درد ۔ ڏندن ۾ ڪيڙو ۽ ٻيون بيماريون لڳي سگهن ٿيون.

پٺن جو درد

ڪئلشم جي ڪري پٺا مضبوط رھن ٿا ۽ جڏھن ڪيلشم ۾ کوٽ ٿئي ٿي پٺن جو درد مستقل ٿي وڃي ٿو.

آخري حصو


ڪيلشم ڀريا کاڌا :-

سھانجڙو :-

سھانجڙي جا پن ڪيلشم ۾ هڪ مڪمل کاڌو (فوڊ سپليمنٽ) آهن. هن ۾ پالڪ کان 9 ڀيرا وڌيڪ فولاد، ڪيلي کان 4 ڀيرا وڌيڪ پوٽيشم، ڪڻڪ کان 4 ڀيرا وڌيڪ اوڄا، کير کان 8 ڀيرا وڌيڪ ڪيلشم ۽ نارنگي کان ٻيڻ تي وٽامن C شامل هوندي آهي.ﻫﻦ ﺟﻲ 100 ﮔﺮﺍﻡ ﺧﺸڪ ﭘﻨﻦ ﻣﺎﻥ ڏﻫﻲ ﮐﺎﻥ 9 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﺮﻭٽين، ﮔﺠﺮﻥ ﮐﺎﻥ 10 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺍﻱ، ڪﻴﻠﻲ ﮐﺎﻥ 15 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﻮٽيشم، ﮐﻴﺮ ﮐﺎﻥ 17 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ڪﻴﻠﺸﻢ، ﻣﺎلٽي ﮐﺎﻥ 12 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺳﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ.سھاﻧﺠڙﻭ ﺻﺤﺖ ﺑﺨﺶ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﺧﺼﻮصيتن ﺳﺎﻥ ﻣﺎﻻ ﻣﺎﻝ ﺁﻫﻲ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ھن جا پن ﮐﺎﮄﻱ ۾ ڏينھن ۾ ھڪ دفعو ڀاڄي طور کاڌا ﻭڃن تہ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٻہ وقت ﺟﻲ ﮐﺎﮄﻱ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻏﺬﺍﺋﻴﺖ ﺟﻲ ﺑﺮﺍﺑﺮ ﻫﻮﻧﺪﻱ.

ڪيلو :-

ڪچ ھڏ جو ھڪ سبب لوڻ جو گهڻو استعمال ڪرڻ آھي. ڪيلو اسان جي جسم 10 سيڪڙو کان وڌيڪ سوڊيم(نمڪيات) جي اثرن جو گهٽ ڪري سگهي ٿو.

ڪيلي ۾ وٽامن - ميگنيشم ۽ ڪيلشم جي وافر مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا ھڏين جي مضبوطي - سنڌن جي سور ۽ ھڏين کي تڪليف کان نجات ڏياري ٿي - ھڏين جي نشونما ڪري ٿو ۽ گردن جي حفاظت ۾ بہ ڪردار ادا ڪندي آهي. ڊاڪٽرن جي تحقيق مطابق پڪل ڪيلي کي پاڻي ۾ ڪاڙھي ڇاڻي اھو پاڻي پيئڻ ڪيلن کائڻ کان وڌيڪ توانائي ڏئي ٿو. ھن ۾ بجلي جھڙي توانائي ھوندي آھي جيڪا اتي جو اتي اثر ڪندي آھي ۽ طاقت سان لبريز ڪري ٿي.

ڏھي :-

ڏھي ۾ قدرتي ڪيلشم ٿئي ٿو. ڏھي جي ھڪ پيالي ۾ ڪيلشم 30 فيصد ۽ وٽامن ڊي 20 فيصد ٿئي ٿي جيڪا انهن غذائن جي هڪ ڏينهن جي جسماني ضرورت پوري ڪندي آهي.

کير :-

ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي سان ڀريل کير کي هڪ مڪمل غذا چيو ويندو آهي. 8 اونس کير ۾ 30 سيڪڙو ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي وڏي مقدار ۾ موجود هوندي آهي، جيڪا هڏين جي مضبوطيءَ لاءِ ڏاڍي فائديمند آهي. چڪنائي کان پاڪ کير ۾ 90 حرارا (ڪيلريون) ٿين ٿا. ڇوجو ھن ۾ وٽامن جي کوٽ رھي ٿي. ھاڻي تہ مغربي ملڪن ۾ کير ۾ مصنوعي وٽامن ڊي شامل ڪيو پيو وڃي تہ جيئن زيادھ غذا بخش ٿي سگهي.

پنير:

پنير ۾ گهڻو ڪيلشيم موجود آهي، پر ان جو صحيح استعمال اهو مضبوط هڏين جي ضمانت سان ٿي سگهي ٿو. ڏيڍ اونس پنير ۾ 30 سيڪڙو کان ڪيلشيم موجود آهي، جيڪو هڪ ڏينهن جي ڪيلشيم جي گهرج پوري ڪرڻ لاء گهڻو آهي.

گوگڙو:

گوگڙو وٽامنن جو خزانو آھي. گوگڙو عضلاتي شرياني سرشتي Cardiac vessels system جو محافظ آھي. ھن ۾ ڪیلشیم اور پوٽاشم جي مقدار ڪافي ٿئي ٿي جنھن سان ھڏين جي مضبوطی ۽ افزائش ۾ اضافو ٿئي ٿو. ھن کي ھڏين جي غذا بہ چوندا آھن. گوگڙو کائڻ وارن کي ھڏن جي کوکلاڻ Osteoporosis نہ ٿي ٿئي. جي ٿئي ٿي تہ ان جا اثر گهٽ ٿي وڃن ٿا. گوگڙو وٽامنن جو خزانو آھي.

ٽماٽر :-

وڌ ۾ وڌ ڪيلشم ٽماٽي ۾ پاتي وڃي ٿي. ٽماٽي کائڻ سان ھڏا مضبوط ٿين ٿا. ٽماٽو رت جي بہ افزائش ڪري ٿو. ٽماٽر ۾ لائسوپين ۽ اينٿو سائنس جو ڀرپور مقدار موجود هوندو آهي جيڪو نظر جي ڪمزوري، ڪينسر ۽ دماغي مرض جي خطري لاء گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ ھڏين کي مضبوط ڪري ٿو.

بادام :-

بادام ۾ موجود ڪيلشم سان هڏيون مضبوط ٿين ٿيون ۽ ان ۾ موجود زنڪ سان هيموگلوبن جي ترڪيب ۾ مدد ملي ٿي. بادام وٽامن اي جو ذريعو آهي، تيزابيت ختم ڪندو آهي، دل جي مرض ۽ ڪينسر جي مرضن ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ۽ ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول جي سطح کي متوازن رکندو آهي.

ڌاڻا :-

ڌاڻا ڪيلشم بہ رکن ٿا پر گڏوگڏ جسم مان زھراڻ خارج ڪن ٿا. ڌاڻن ۾ وٽامن اَي ۽ ڪي سميت وٽامن سِي بہ جَجهي ٿئي ٿي تہ منجهس مئنگنيشم جهڙي ڌاتوءَ جون ذريون بہ ٿين ٿيون. وٽامن بي، ڪيلشم، فولاد، جست، فاسفورس، پوٽيشم ۽ ميگنيشم جو به ٺاهوڪو مقدار منجهس ٿئي ٿو. جڏهن ڌاڻن جو اينٽي آڪسيڊنٽن جي حوالي سان ذڪر ڪجي ٿو تہ اهي منجهس ايترا تہ طاقتور طريقي سان موجود هجن ٿا، جو قدرتي محافظ طور ڪم ڪن ٿا. ان جو تيل نہ رڳو آڪسيجن جي عمل کي روڪي ٿو تہ کاڌي کي وائي ٿيڻ کان بہ بچائي ٿو. منجهس بئڪٽيريا خلاف خاصيتون هجڻ سبب ڌاڻو سالمونيلا جهڙي خطرناڪ بيماريءَ کان بہ بچائي ٿو، جنهن سبب پيٽ جو سُور، شديد ڊائريا ۽ ٽائفائيڊ ٿي پون ٿا.

بيدو :-

آني جي ٽڪيءَ يا زرديءَ ۾ آني جي 90 سيڪڙو ڪيلشم ۽ فولاد تہ سفيديءَ ۾ آني جي پروٽين جو اڌ موجود ٿئي ٿو.

هن ڌرتيءَ تي موجود سڀني غذائن ۾ آني کي هڪ بھترين غذا سمجهيو وڃي ٿو: آني ۾ هر ان قسم جو غذائي وکر موجود ٿئي ٿو، جنھن جو ڪنھن مثالي کاڌي يا غذا لاءِ هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ٿلهي ليکي هڪ اوٻاريل آني ۾ هيٺيان وکر موجود ٿين ٿا: وٽامن اي (A)، فولئٽ (folate)، وٽامن بي 5، وٽامن بي 12، وٽامن بي 2، فاسفورس (phosphorus)، سيلينيم(selenium)  ان کان سواءِ آني ۾ وٽامن ڊي، وٽامن اِي، وٽامن ڪي، وٽامن بي 6، ڪئلشم ۽ جست(zinc)  جو به خاشو مقدار موجود ٿئي ٿو. ٿلهي ليکي هڪ آنو 77 ڪيلرين، 6 گرام پروٽين ۽ 5 گرام سڻڀ جي برابر ٿئي ٿو.

پالڪ :-

طبي لحاظ کان هيءَ جلد هضم ٿيندڙ ۽ تاثر ۾ ٿڌي آهي. گرم ۽ خشڪ طبيعت وارن لاءِ وڏي فائديمند آهي. تجربن کان پوءِ معلوم ٿيو آهي تہ پالڪ ۾ فولاد ۽ ڪئلشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. پالڪ رت وڌائڻ لاءِ بهترين غذا آهي.پالڪ ھڪ ڪپ ۾ وٽامن ڪي جو تعين ٿيل مقدار 1000 سيڪڙو اچي وڃي ٿو جيڪو ھڏين جي نشونما ڪري ٿو ۽ ھڏين کي مضبوط ڪري ٿو.

https://www.facebook.com/groups/1896424147306334/permalink/2232202903728455/