Kalasha-ala language سان ڀل نہ کائو.

ڪيلاشہ:Kalasha: (locally: Kalashamondr) ھڪ انڊو يورپين ۽ انڊو ايراني ٻولي آهي جيڪا ڪيلاش نالي ماڻھن جي مادري ٻولي آهي. ان کي وڌيڪ درجہ بندي ۾ داردي ٻولين جي چترال واري گروپ ۾ رکيو ويو آهي[3] . ڪيلاش پري پري واقع بومبوريت وادي ، بيرير وادي ۽ رمبور وادي ۾ رھندا آھن جيڪي ھندوڪش جبلن ۾ چترال کان ڏھ ميلن جي مفاصلي تي ايون جي اولھ پاسي واقع آھن. ڪلاش ماڻھن جو پنھنجو مذھب آھي جنھن ۾ ديوتا ۽ ديويون ھونديون آھن ڪيلاشہ ڳالھائيندڙن جو تعداد لڳ ڀڳ پنج ھزار آهي[4]. ڪيلاشہ جو نالو ڪيلاش ماڻھن شايد ويگال جي نورستانين مان ورتو جيڪي پوء ڪيتريون ئي صديون اڳ چترال جي پاسي پھتا.[5] تنھن ھوندي بہ ڪيلاشہ ۽ نورستاني ٻولين ۾ ويجھو تعلق ناهي جو ٻئي ٻوليون انڊو يورپين ٻولين جي ٻن مختلف شاخن مان آھن.

ڪيلاشہ_ Kalasha
'ڪيلاش موندر'
ٻولي جو وطن ضلعو چترال، پاڪستان
خطو ڪيلاشہ ديش، بمبوريت،رمبور، برر، خيبرپختونخواه
نسل ڪيلاش
ٻولي ڳالهائيندڙ
5,000 (2000)[1]
عربي اسڪرپٽ ۽ لاطيني اسڪرپٽ
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-3 kls
گلوٽولوگ kala1372[2]
لنگاسفيئر 59-AAB-ab
  1. ڪيلاشہ_ Kalasha at Ethnologue (18th ed., 2015)
  2. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "Kalasha". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/kala1372. 
  3. سانچو:Cite encyclopaedia
  4. 1998 Census Report of Pakistan.(2001). Population Census Organization, Statistics Division, Government of Pakistan.
  5. "Archived copy". وقت 2001-11-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2001-11-01. , http://nuristan.info/Nuristani/Kalasha/kalasha.html