ڪيتڪي گل مشهور آهي. ڏکڻ هندستان ۾ ڪيوڙا چوندا اٿس. انگريزيءَ ۾ رواجي نالو اٿس سڪروُ پائن، ڇالاءِ جو ٿڙ يا ڏانڊيءَ جي چوٽيءَ وارا پن اسڪروءَ وانگي ويڙهيل ٿيندا اٿس، ڪتابي نالو اٿس پانڊينس.

هن جو ٻوڙو گهڻي جاءِ ٿو والاري، جو ٽارين مان پيون ٽاريون مٿي ڪڍي بيهاري ٿو. سانوڻ جي ڏينهن ۾ گل ڪندو آهي. مکريءَ جا پن اڇا اٿس، جو کوپي وانگي ننڍڙن سپنج جهڙن ڳُتيلن گلن کي ويڙهيو بيٺا آهن. هنن وڻن مان ڪي نر ۽ ڪي ماديون ٿيندا آهن. نر جي انهن گلن وارن ساون پنن مان سُرهو تيل ڪڍندا آهن، جنهن کي ڪيوڙي جو تيل چوندا آهن. اهو مکڻ جي ڪم ايندو آهي. هن جي گلن ۾ چندن جي ڪاٺيءَ جهڙي باس ٿيندي آهي. باغ ۾ جتي هي وڻ بيٺل هوندو آهي، ان جي آسپاس ڏاڍي هٻڪار اٿندي آهي. هن جا قلم لڳندا آهن، جي مينهن جي موسم ۾ هڻندا آهن.[1]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو