ڪوھري ( ڀانڊو قبو)
يو سي 11 ڪوھري (انگريزي: U C 11 Kohri) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي رتوديرو تعلقي جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,395 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڪوھري ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. يو سي جو پراڻو نالو يو سي گھانگھرا ھيو. ھي يو سي رتوديرو شھر جي ٻاھران ڳڙھي ياسين واري روڊ (انڊس ھاء وي- اين 55) تي واقع آهي . روڊ لڳ پراڻو قبو واقع آهي جنھن کي ڀانڊو قبو جي نالي سان سڏيندا آھن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ لولائي، گھانگھرا، جلباڻي، شيخ، سومرا، ماڇي، چانڊيا، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ميروخان لولائي، ڳوٺ ڀائي خان گھانگھرو، ديھ ڪوھري (آبادي 5,559) جنھن ۾ ڳوٺ ڪوھري واقع آهي، ديھ ميوو گھانگھرو (آبادي 2,867), ديھ نظر گھانگھرو (آبادي 4,482)، ديھ سرھو گھانگھرو (آبادي 4,287), ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪوھري يو سي 11 ڪوھري (ڀانڊو قبو) | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
رتوديرو تعلقي جي يو سي 11 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°48′07″N 68°19′34″E / 27.80194°N 68.32611°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | رتوديرو تعلقو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 15,395 |
ڪائونسل
سنواريويونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين منظور علي گھانگھرو ۽ وائيس چيئرمين محبوب علي سومرو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مسو ديرو جو سردار علي نواز جلباڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
سنواريوھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
سنواريوڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
سنواريوھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.