ڪول ھڙو ننڍڙو جيت آھي جنھن جو گذر سفر گھڻو ڪري ڪريل کاڌي جي شين تي ٿي ٿو.

ڪول

ھڪ وستيءَ ۾ رھندڙ ڪولين جا قسم

سنواريو

هڪ وستيءَ جون ڪِوِليون چئن قسمن ۾ ورهايل هونديون آهن[1]:

بادشاھ ڪِول: ھن کي پر ٿيندا آهن، ٿلهي ۽ متاري ٿيندي آهي. اها ڪو بہ ڪم ناهي ڪندي. رڳو آرام ڪندي رهندو آهي ۽ سپاهي ڪِوليون ان جو پھرو ڏينديون آهن. جيڪڏهن ڪِوِلين جي وستيءَ تي ڪو دشمن حملو ڪري تہ، سپاهي ڪوليون بادشاھ جي چوڌاري گهيرو ڪري وٺنديون آهن، سڀئي ڪوليون بادشاھ جي حڪم جي تابع هونديون آهن. بادشاھ ڪول کي کاڌو پيتو هڪ جاءِ تي ملندو آهي. ڏينھن ۾ فقط هڪ ڀيرو ٻر مان نڪرندي آهي.

راڻي ڪِوِل : ھي بادشاھ کان بہ وڌيڪ ٿلهي ۽ سٻر ٿيندي آهي. هن کي بہ پَرَ ٿيندا آهن. هيءَ ٻِرَ ۾ پنھنجي جاءِ تي ليٽي آرام ڪندي رهندي آهي. ان کي کاڌو پيتو بہ اتي هڪ جاءِ تي ملندو آهي. هيءَ ايتري قدر مست هوندي آهي، جيڪڏهن کيس کاڌو نہ ملي تہ، پاڻ تلاش ناهي ڪندي. بس ويٺي ويٺي بُک ۾ مري ويندي آهي.

سپاهي ڪوليون: ھي گهرن جي حفاظت ڪنديون آهن، دشمن حملو ڪري تہ، انهن سان مقابلو ڪنديون آهن، بادشاھ ۽ راڻي ڪول جي خدمت چاڪري ڪنديون آهن. انهن جو جسم صاف ڪنديون آهن.

مزدور ڪِوِليون : تمام گهڻو محنتي هونديون آهن، جتي ٻرن ۾ اهي رهن ٿيون، اتي ٻج پوکينديون آهن، جڏهن فصل پچي ويندو آهي تہ، کڻي ٻرن ۾ گڏ ڪنديون آهن. هي ڪوليون گلن جي رس ڪڍي پيئنديون آهن، ۽ بچيل رس مئل ڪولين جي جسمن ۾ ڀري ڇڏينديون آهن. اها رس سيءَ جي مند ۾ ڪتب آڻينديون آهن.

ڪِوِليون گهر ٺاهي رهنديون آهن. سندن گهر ويھارو فوٽ زمين ۾ هوندا آهن. انهن جي گهرن ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون ٿينديون آهن. ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ ان جمع ڪنديون آهن تہ، ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ رهنديون آهن ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪنديون آهن. راڻي ڪِوِل هڪ ڪوٺيءَ ۾ آنا ڏيندي آهي. دائي ڪوليون انهن آنن جي پرورش ڪنديون آهن، جڏهن آنن مان ٻچا ڦٽندا آهن، ته انهن کي کاڌو کارائينديون آهن، وهنجارينديون آهن ۽ اُس ۾ ڪڍي خشڪ ڪنديون آهن.[1]

ڪوليون ھي ڪم ڪنديون آھن.[1]

ڪِوِليون تمام وڏي محنت ڪنديون آهن. اهي بھار جي مند ۾ پنھنجي گهرن جون ڪوٺيون کائڻ جي شين سان ڀري ڇڏينديون آهن، جيڪي سيءَ ۽ مينھن جي مند ۾ ڪم آڻينديون آهن.

ڪِوِليون وڌ ۾ وڌ ستن سالن تائين زندہ رهنديون آهن. ڪول پنھنجي وزن کان ٽي سئو سيڪڙو وڌيڪ بار يا وزن کڻي سگهنديون آهن.

جڏهن ڪا ڪول زخمي ٿي پوي تہ، ٻي ڪول جلدي پنھنجي منھن مان ڌاڳي جي شڪل ۾ لِٻَ ڪڍي زخم سبي ڇڏينديون آهن. ڪِوِليون هڪ قطار ٺاهي هلنديون آهن ۽ سنگهي ڪري هڪ ٻئي کي سڃاڻنديون آهن.

ڪِوِليون رات جو سمهديون آهن، اهي وڌ ۾ وڌ چار ڪلاڪ آرام ڪنديون آهن.

  1. 1.0 1.1 1.2 "Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2024-05-06.