ڪورينا (انگريزي: Corinna) يا (انگريزي: Korinna) ھڪ يوناني ٻولن واري شاعرہ ھئي جيڪا بيئوشيا جي ٽاناگرا سان تعلق رکندڙ ھئي. سيفو کان پوء قديم يونان جي سڀ کان مشھور ترين شاعره هئي.[1]

ڪورينا جا ٻہ خاڪا

زندگي جو احوال سنواريو

سندس تعلق يونان جي صوبي بئوشيا جي شھر ٽاناگرا سان ھيو[2] ڏھين صدي جي بازنظيني انسائڪلوپيڊيا سوڊا جي مطابق ايڪليڊورس ۽ پروڪراشيا جي ڌيء ھئي[3] قديم روايت مطابق سندس دؤر پنجين صدي قبل مسيح وارو ھيو.[4] ھن زندگيءَ جو وڏو حصو بيئوشيا جي شھر ٿيبز ۾ گذاريائين جنھن ڪري کيس ٿيبين سڏبي آھي.[5]

شاعري سنواريو

ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي تہ:بوئيوشيا جي علائقي ۾ ٽانا گرا جي رهاڪو هيءَ شاعر عورت قديم شاعر پنڊار جي همعصر هئي، سندس گهڻي شاعري مڪاني داستانن تي ٻڌل آهي، جنهن جا ڪي ٽڪرا دستياب ٿيا آهن. انهن ۾ سندس هنر پڌرو آهي
[6].

ننڍڙا نظم

— هو مون تي مهربان نظر وجهي ٿو

جڏهن آءٌ ٽانا گرا جي
اڇا ڪپڙا پهريل عورتن لاءِ
پنهنجا ويرتا وارا مانائتا گيت ڳايان ٿي
سمورو شهر جهومي اٿي ٿو
منهنجي آواز ۽ مڌر سرن سان.

  • ڇا تون سدائين ستل رهندينءَ!

اڳ ته اي ڪورينا!
تون اهڙي غافل نه هئينءَ.

  • آءٌ ته مرٽس کي ڏوهه ڏينديس

جيتوڻيڪ هوءَ ڏات ڌياڻي آهي
ته به ڪيئن هڪ عورت هوندي

پنڊار آڏو اچڻ جي هُن سگهه ساري!، ڪورينا جي شاعري

حوالا سنواريو

  1. Smyth 1963, p. 337
  2. Skinner 1983, p. 9
  3. Suda κ 2087, "Corinna"
  4. West 1990, p. 553
  5. Smith 1870, p. 852
  6. [1][مئل ڳنڍڻو] (ڪتاب:دنيا جون شاعر عورتون؛. ليکڪ : ڊاڪٽر فهميده حسين )