اصيل نانگ (انگريزي: Cobra): جوڳين جي پنهنجي دنيا آهي. انهن موجب -اصيل- ڪارن نانگن جا ست قسم يا ڀائر آهن، هُو انهن جي -تشريح- يا درجيبندي ڪجهه هن ريت ڪن ٿا: 1- -تخت- نانگ: سڀني نانگن جو سرتاج آهي. هن نانگ جو رنگ سونهري، جسم شيشي جهڙو چمڪدار آهي، جنهن جي آرپار نظر پوي ٿي. سونهري لڪيرن سان خوبصورت ڦڻ هوندي اٿس. ڳچيءَ ۾ قدرتي ڳانو اٿس. جهنگ ۽ ويرانن ۾ چانڊوڪي رات جو -تخت- نانگ جي روايتي ڪچهري لڳندي آهي. -ان- کي بخت جو -بادشاهه- سمجهيو ويندو آهي (شايد هيءُ King Cobra ڏانهن اشارو آهي ڇاڪاڻ ته -ان- جو رنگ سونهري هوندو آهي). 2- پدم نانگ: 5 فٽ ڊگهو، ڪارو ناسي، وڏي ڦڻ ٿئيس ٿي جنهن تي علي سائينءَ جي دلدل جي کر جو نشان هوندو آهي. هي سنڌ ۾ عام آهي (هي Naja naja آهي). هڪ اڇو پدم هوندو آهي، جنهن جي مٿي تي مانڌاڻيءَ جهڙو نشان ٿئي ٿو. پدم نانگ جي پڇ ۾ زهريلو ڪنڊو هوندوآهي. هڪ ناسي پدم به هوندو آهي. 3- واسينگ نانگ: جنهن کي پڇ ۾ ڪنڊو ٿيندوآهي، هي ڊگهو ۽ ڪارو ٿئي ٿو. 3- شيش نانگ: جيڪو ويرانن يا کنڊرن ۾ خزاني تي ويٺل هوندو آهي. 4-ڪاريهر نانگ: جيڪو درويش نانگ آهي ۽ قاتل جو عڪس اکين ۾ وٺندو آهي (ڪاريهر Black Cobra/ Naja oxiana آهي، باقي ڳالهيون ڏند ڪٿائون آهن). 5- اِڇا اڌاري نانگ: جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان انساني روپ وٺي سگهندو آهي، مٿي تي اڇو ٽِڪو ٿيندو اٿس. ڪارو ناسي ۽ گـهرو نيرو ٿيندو آهي (هي شايد Naja kaouthia آهي ۽ انساني روپ واري ڳالهه به ڏند ڪٿائي آهي). 6- ڪلها ڌاري: هي به ساڳئي -اصيل- نسل جو نانگ آهي. 7- گڊو نانگ: هن جو پيٽ سليٽي ٿيندو آهي. پدم جي نسل مان کريل؛ نانگ ۽ ڪوراڙ جي ميلاپ سان پيدا ٿيندو آهي، انهن مان تِليهر ۽ ڦَنيهر مشهور آهن (هي معلومات ڏيڻ واري جو اشارو غلط طور وئينس نانگ ڏانهن آهي، سائنسي حقيقت اها آهي ته نانگن ۽ بلائن جو غير جنس ۾ ميلاپ ٿيندو ئي ڪونه آهي، تِليهر Naja naja ئي آهي جنهن کي پدم به چون ٿا، ’ڦَنيهر‘معنيٰ ’ڦَڻ وارو‘ يعني، اهو به نانگ جو هڪ صفتي نالو آهي).[1]

اصيل نانگ (Cobra)
Temporal range: Miocene-Holocene
ھندوستاني اصيل نانگ
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جاندار
تقسم: ڪورڊيٽ
درجو: ريڙھيون پائيندڙ
ترتيب: اسڪئماٽا
ذيلي ترتيب: سانپا
خاندان: ايلاپڊاء (ڪجهه کانسواءِ)
جوزيفس نڪولس لئورينٽي, 1768

حوالا سنواريو