ڪنگور(انگريزي: Kangoor ) ھڪ ٻوٽي جو نالو آھي جنھن جون ٽاريون نڙ وانگر ھونديون آھن جن کي وڍي ان مان نڙ ۽ بانسري ٺاھيون وينديون آھن. ان جي پتي جي توتڙي شرناء ۾ استعمال ٿيندي آھي. نڙ، ڪنگور مان ٺاهيندا آهن. سڌي سوڌي ڪنگور کي وڍي، انهيءَ تي ڏاڍا انگ اکر هڻي، ٻنڌين سان مضبوط ڪري پارا ۽ رنگ هڻي، پوءِ هيٺئين حصي ۾ چار سوراخن تي آڱريون رکي سُرَ ڪڍن، اهو ڪنگور جو نڙ ڏيڍ فوٽ سوا فوٽ مس ٿئي. انهيءَ ڪنگور جي نڙ وڄائڻ وارو هڪ ئي سنڌ ملوڪ فنڪار، شاهه محمد نابينا اهڙو ٿي گذريو آهي،جنهن ويرون واهي ڇڏيون[1]! ڪنگور جي ٽاري مان آنچي ڦول ھٿيار پڻ ٺھندو آھي[2].

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.