ڪنڙي (انگريزي ٻولي: Kunrri or Chouri) روايتي سنڌي مِٺو کاڌو آهي. گهڻي ريت ڪُنڙي جو کاڌو سياري جي مُند ۾ خاص طور سنڌ جي گهرن ۾ امڙيون ٺاهي پنهنجي ٻچن کي کارائينديون آهن، هي کاڌو سُنت طوهر، شادي وهانوءَ جي موقعي تي گهوٽَ ۽ ڪُنوار کي پڻ کارايو ويندو آهي، ۽ اهو طاقت وارو کاڌو آهي. ان جي کائڻ سان گهڻي اُڃ پڻ لڳندي آهي. ڪُنڙي جنهن کي چُوري پڻ سڏين، ڏونگهي، مصري کي ڪُٽي، ڪڻڪ جي داڻن کي ڌوئي، سُڪائي، سُڪايل اَن جي داڻڻ جون ڌاڻيون جَنڊَ ۾ ڀُڃي ۽ ديسي گيهه هانڊي يا ديڳڙي ۾ وجهي تيار ڪئي ويندي آهي.

سنڌي کاڌو، سنڌي ٽوٽڪو ريسيپي، ڪُنڙي، چُووري

گيلري سنواريو

حوالا سنواريو