ڪنڍي ان ھار کي چيو ويندو آھي جيڪو خوشيءَ جي موقعي تي مائٽ يا دوست ان موقعي جي مک ماڻھن کي پارائيندا آھن يا تحفي طور ڏيندا آھن. ڪنڍي ڪاغذي نوٽن، قدرتي گلن، يا پلاسٽڪ جي گلن وغيرہ مان ٺھيل ھوندي آھي. مختلف ڪنڍين جي قيمت انھن تي ٿيل ڪم جي حصاب سان ھوندي آھي. سنڌ ۾ خوشيءَ جي موقعن تي پيسن ۽ قدرتي گلن جون ڪنڍيون پارائڻ عام آھي، ۽ ھر طبقو پنھنجي حيثيت آھر ڪنڍين جو انتظام ڪندو آھي. ڪنڍي جنھن کي ڏني ويندي آھي، ان تي اھو سماجي فرض سمجهيو ويندو آھي تہ ڏيندڙ کي سندس جي موقعي تي اوتري ئي يا ان کان وڌيڪ قيمت جي ڪنڍي پارائي.