ڪنٺو(انگريزي: Kanthho ) ٿر جي ھڪ علائقي جو نالو جنھن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻو ۽ ننگرپارڪر تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو ۽ مٺي تعلقي جو اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هتي ڀٽون وڏيون آهن ۽ هڪٻئي کان پري پري آهن، جنهنڪري وڏا ڏهر گهڻا آهن. هتي جي زمين سنوت واري ۽ ڪجهه مٽي آهي، انڪري ڀلي ۽ آبادي لائق آهي. ٻنيون وڏيون آهن، جنهنڪري کيتي سٺي ٿئي ٿي. هن حصي ۾ وڻڪار ججهي آهي، خاص ڪري ڪونڀٽ جو وڻ گهڻو آهي. ڦوڳ ۽ ٿوهر جو وڻ ڪونه ٿئي. ڏهرن ۾ ڄاريون ۽ جهنگلي ٻيرڙيون گهڻيون آهن[1].

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو