مجلس (گڏجاڻي) هي لفظ لاطيني ٻولي جي لفظ ”ڪنوينائر“ مان نڪتل آهي. هر قوم جون مختلف ريتون ۽ رسمون ٿين ٿيون، جيڪي زندگي جي وهنوار لاءِ لازم ٿين ٿيون. وقت گذرڻ سان اهي پختيون ٿي رياست يا ملڪ جي آئين ۽ قانون جو درجو حاصل ڪن ٿيون. ان جو مثال برطانيا آهي جتي رواج ۽ رسمون آئين جو اهم بنياد آهن.

عام طور ڪنهن به معاملي تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ مختلف ڌرين ۽ نمائندن کي سڏي کانئن حل بابت تجويزون وٺي لاڳاپيل مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر ڏيھان ڏيھي لاڳپن (بين الاقوامي تعلقات) ۾ عالمي يا علاقائي سطح تي اڳ ۾ معاملا بحث هيٺ آڻي، پوءِ انهن تي قانون سازي ڪرڻ لاءِ نمائنده ميڙ سڏرائي رضا مندي پيدا ڪري مناسب اعلان ڪيو ويندو آهي. جيئن ”جنيوا“ ڪنوينشن ۾ جنگي قيدين ۽ لڙائيءَ هلندي انساني حقن جي احترام تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڏيھا ڏيھي برادريءَ کي ڪجهه ذميواريون ڏنيون ويون آهن، ان کان سواءِ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڌرين جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ به هي اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اڄوڪي دور ۾ عالمي سطح تي ڪن خاص معاملن تي قانون ٺاهڻ لاءِ ڏيھان ڏيھي ادارن (جهڙوڪ گڏيل قومون) جي سرپرستيءَ ۾ نمائنده اجلاس گهرائڻ يا اهڙي اداري طرفان ڪن شرطن کي عام ڪرڻ جي حوالي سان ”ڪنوينشن“ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد