ڪمپلوٽينسي يونيورسٽي آف ميڊرڊ

ڪمپلوٽينسي يونيورسٽي آف ميڊرڊ(انگريزي: Complutense University of Madrid) اسپين جي ھڪ پبلڪ ريسرچ يونيورسٽي ۽ ملڪ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آھي جنھن ۾ 86000 شاگرد داخل آھن,[1] ۽ شاگردن جي تعداد مطابق اھا يورپ جي ٽين وڏي يونيورسٽي آهي.[2][3] ھن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪندڙن مان ست ڄڻن کي نوبل پرائيز، 18 کي پرنس آف آسٽرياس ايوارڊ، 7 ڄڻن کي ميگئيل دي سروينٽيز پرائيز (Miguel de Cervantes Prize) ملي چڪا آهن. ھن يونيورسٽي مان تعليم پرائيندڙ يورپي ڪمشنرن، يورپي پارليامينٽ جا صدر، يورپي ڪائونسل جا سيڪريٽري جنرل، يورپي سينٽرل بئنڪ جي اگزيڪيوٽو بورڊ جا ميمبر، ناٽو جي سيڪريٽري جنرل، يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل، آء ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ رياست جي سربراھ جي حيثيت ۾ فائز رھي چڪا آهن. ستن صدين جي عرصي ۾ ھن يونيورسٽي سائنس، فن لطيف ۽ سياسي قيادت ۾ انمول واڌارو آندو.

ڪمپلوٽينسي يونيورسٽي آف ميڊرڊ
لاطيني ٻولي: Universitas Complutensis Matritensis
اڳوڻو نالو Estudio de Escuelas Generales de Alcalá (1293-1499)
چونڊيل چوڻي لاطيني ٻولي: Libertas Perfundet Omnia Luce
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي
آزادي ھر شئي کي روشن ڪندي
قسم پبلڪ يونيورسٽي
سرگرم 20 مئي 1293
بجٽ €607,559,030
ريڪٽر ڪارلوس انڊرڊاس ھيرانز
انتظامي عملو
11,162
انڊر گريجوئيٽ 74,771
پوسٽ گريجوئيٽ 11,388
پتو ميڊرڊ، اسپين
ڪيمپس شھري
رنگ سانچو:Cellسانچو:Cell Amaranth & Dijon
لاڳاپا يورپيم, ڪمپوزٽيلا گروپ آف يونيورسٽيز, يوٽريخٽ نيٽورڪ

(Utrecht Network), يونيڪا (UNICA)

, انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف يونيورسٽيز(IAU)
ويب سائيٽ www.ucm.es
يونيورسٽي جو ھاڻوڪو ڪيمپس

حوالا سنواريو

  1. "Estudiantes 2011-2013". Universidad Complutense de Madrid. وقت 7 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 December 2013. 
  2. "Ranking Web of Universities- Spain". Webometrics. حاصل ڪيل 3 December 2013. 
  3. "Universities in Spain". 4ICU.org. حاصل ڪيل 3 December 2013.