ڪمزاریہ
سلطنت عمان جي اتر ۾ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي، جنھن جو نالو ڪمزار آھي. ھي مسندم جي صوبي ۾ آھي ۽ ھرمز جي آبناءِ يا نار ياکاڙيءَ تي موجود آهي. ان جي سامهون سمنڊ ۽ پوئتان جبل آھن ،اوستائين پھچڻ لاءِ رستو فقط سمنڊ يا ھيلي ڪاپٽر وسيلي ئي ممڪن اھي۔ ھي ماڳ مسندم جي صوبي ۾ آھي ۽ لڳ ڀڳ 2000 ماڻھن تي ٻڌل آبادي وارو ڳوٺ آھي . اتي ھڪ خاص زبان ڳالهائي ويندي آھي، جنھن کي "ڪمزاریہ" چوندا آهن، جيڪا صرف ڳوٺ وارا ئي ڳالھائيندا آھن. ھي ٻولي جزيرہ نما عرب ۾ اڪيلي غير سامي زبان آھي.۔ ڪمزاریہ زبان کي علائقي جي منفرد زبان سمجھيو وڃي ٿو. .جيڪا مقامي ماڻھن جي بنيادي زبان آھي . ھي فقط ڳالھائي ويندي آھي، پر لکي ناھي ويندي. ڪيترائي ماڻھو ڪمزاریہ کي مختلف زبانن جو گاڏڙ ساڏڙ مجموعو سمجھن ٿا. جنھن ۾ سڀ کان اھم فارسي ،ھندي ، عربي ۽ انگريزي آھن.