ڪمال الدين مسعود خجندي، جيڪو ”شيخ ڪمال“ جي نالي سان مشهور آهي، اٺين صدي هجريءَ جو هڪ صوفي ۽ فارسي شاعر هو. هو خجند ۾ پيدا ٿيو، ٽرانسڪسيانا، پر حج کان پوءِ تبريز ۾ اچي آباد ٿيو. جيتوڻيڪ شاعري سندس مکيه ڪم نه هو، پر سندس ديوان 8000 شعرن تي مشتمل آهي.


شيخ ڪمال سلطان حسين جلير جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. شيخ ڪمال اٺين صدي هجريءَ جو عظيم غزل گو شاعر هو. سندس غزل صوفيانه ذوق جي عڪاسي آهي. هو حافظ شيرازيءَ جو همعصر هو. حافظ جي باري ۾ فرمائن ٿا:


؎نشد به طرز غزل هم عنان ما حافظ

اگرچه در صف رندان ابوالفوارس شد


نظم جا نمونا


؎عرفات عشقبازان سر کوی یار باشد

به طواف کعبه زین درنروم که عار باشد

چو سری بر آستانش ز سر صفا نهادی

به صفا و مروه‌ای دل دگرت چه کار باشد

قدمی ز خود برون نِه به ریاض عشق، کاینجا

نه صداع نفحهٔ گل نه جفای خار باشد

به معارج اناالحق نرسی ز پای منبر

که سری شناسد این سِرّ که سزای دار باشد

ز میِ شبانه ساقی قدحی بیار پیشم

نه از آن میی که او را به سحر خمار باشد

نکند کمال دیگر طلب حضور باطن

که قرارگاه زلفش دل بی‌قرار باشد


موت


ڪمال الدين خوجندي 792ھ يا 808ھ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه تبريز ۾ آهي. هي شعر درگاهه جي تختي تي اُڪريل آهي


کمال از کعبه رفتی بر در یار

هزارت آفرین مردانه رفتی