ڪماذريوس (عربي: بلوط الارض، فارسي ۽ اردو: ڪماذريوس) هڪڙي قسم جو گاھ آهي، جو گرانٺ اوچو ۽ ننڍن پنن سان بلوط وانگي ٿئي ٿو. وڏف جھڙا ننڍا ٻج ڪندو آهي. ھن جي پاڙ ڳاڙهي، گل نيرا ۽ ذائقو تلخ ٿئي ٿو.

طب سنواريو

خاصيت: هي سدن ۽ مسامن (Pores) کي کولي ٿو. حيض ۽ پيشاب جاري ڪندڙ ۽ کنگهہ ۾ مفيد آهي. بدن کي گرم ڪري ٿو ۽ سخت سوڄن ۾ نرمي آڻي ٿو. غير سمي آهي. ڪي ماڻهو هن کي منڊي ٻوٽي سمجهن ٿا جا ڳالھ بلڪل غلط آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.