ڪليات
ڪليات عربي لفظ ”ڪل“ جو جمع آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”سڀ“. اصطلاحي معنيٰ موجب اُهو ڪلام جو مجموعو، جنھن ۾ ڪنھن هڪ شاعر جو سمورو ڪلام پيش ڪيل هجي؛ يعني منجهس هر ڪنھن قسم جو شعر ڏنل هجي.مطلب تہ ڪليات ۾ شاعر جو هر فن تي چيل شعر موجود هوندو آهي .هن ۾ الف- ب وار قافين تي جوڙيل غزل جو مجموعو (ديوان) بہ شامل ٿي سگهي ٿو. ڪليات جي ترتيب اڪثر ٻن نمونن جي ٿيندي آهي. جيئن تہ ڪنھن ڪليات ۾ پھريائين الف-ب وار غزلن جو مجموعو (ديوان) ڏئي، پوءِ باقي ٻيو سمورو ڪلام ڏنوويندو آهي، جنھن ۾ عروضي توڙي غير عروضي شعر شامل هوندو آهي ۽ ڪنھن ۾ وري سواءِ ڪنھن ترتيب جي سڀ ڪلام لکيو ويندو آهي. ڪي ڪليات اهڙا بہ ملن ٿا، جن ۾ رڳو غير عروضي شعر پيش ڪيل هوندو آهي، جنھن ۾ حمد، نعت، ڪافيون، ڏوهيڙا، وغيره شامل هوندا آهن. اهڙي قسم ۾، ڪليات مصري شاھ، ڪليات حمل، وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي ڪليات ڇپجي چڪا آهن، تن جو تفصيل هن ريت آهن: ڪليات مصري شاھ، ڪليات حمل، ڪليات مسافر، ڪليات عزيز. ڪليات گدا، ڪليات خادم، ڪليات فاروقي، ڪليات امين، ڪليات دلگير، ڪليات ڪمال، ڪليات مائل، ڪليات نورل، ڪليات شيخ الھ بچايو، ڪليات حسين ديدڙ، ڪليات سانگي، ڪليات ميران محمد شاھ، وغيره.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.