ڪفن:(انگريزي: Shroud ) مسلمان ميت کي غسل ڏيڻ کان پوء ڪپڙي سان ان جي جسم کي خشڪ ڪري ڪفن پارائيندا آھن[1]. اسلام ۾ ميت کي ڪفن پھرائڻ فرض ڪفايه آھي. ڪفن جي خرچ جي ذميداري انھن ماڻھن تي آھي جيڪي حياتي ۾ ميت جا ڪفيل يا سنڀاليندڙ رھيا ھجن[1]. جيڪڏهن ان جو ڪو ڪفييل نہ رھيو ھجي تہ تہ ڪفن سڀني مسلمانن تي مجموعي فرض آهي[1]. بالغ ۽ نابالغ يا محرم ۽ حلال سڀني جو ڪفن ھڪجھڙو ھوندو آھي. حنفي مذھب مطابق زياده قيمتي ڪپڙي جو ڪفن مڪروھ آھي ۽ اڇي رنگ جو ڪفن بھتر ھوندو آھي توڻي نئون ھجي يا پراڻو. حنفي مذهب مطابق زندگي ۾ قبر پنھنجي قبر کوٽائي تيار ڪرڻ مڪروه آهي پر ڪفن جو بندوبست ڪرڻ گناھ ناھي[1].

يھودين ۽ عيسائين ۾ ڪفن سنواريو

اٽلي جي شھر تورين سان نسبت رکندڙ تورين وارو ڪفن اڇي رنگ جو ليلن جي سوٽي ڪپڙي جو ٺھيل ھوندو آھي جنھن تي ھڪ مرد جي ڌنڌلي تصوير ٺھيل ھوندي آھي جنھن کي عیسیٰ مسيح جي تصوير جو عڪس چون ٿا. آرٿوڊڪس چرچ وارا صليب جو نشان ۽ مذھبي بيتن وارا ڪفن پڻ استعمال ڪن ٿا. اھو تورين وارو ڪفن سڏبو آهي جيڪي عيسائي استعمال ڪندا آهن. يھودي پڻ اڇي رنگ جو ليلن جي سوٽي ڪپڙي وارو ڪفن استعمال ڪندا آهن. انھن ۾ ٻن قسمن جو ڪپڙو استعمال ڪرڻ منع آهي[2].

مسلمانن ۾ مرد جو ڪفن سنواريو

حنفي مذهب مطابق مرد جي ڪفن ۾ ٽي ڪپڙا سنت آھي جن ۾ ڪفني، گوڏ يا ازرا ۽ چادر شامل آهن. ڪفني ھڪ چولو ھوندو آھي جيڪو ڳچي کان پيرن تائين ھوندو آھي جنھن ۾ قميص وانگر ٻانھون نہ ٿينديون آهن[1]. ازرا يا گوڏ مٿي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي ۽ چادر وري ان کان ھڪ ھٿ ڊگھي ھوندي آھي جيئن مٿي ۽ پيرن جي پاسي کان ان کي ٻڌي سگھجي[1]. جيڪڏهن اھو مسنون يا سنت مطابق ڪفن موجود نہ ھجي تہ مرد لاء ٻہ ڪپڙا ازرا ۽ چادر ڪافي آھن. حنفي مذهب مطابق جيڪڏهن اھو ڻہ نہ ھجي تہ جيترو ڪپڙو موجود ھجي ڪافي آھي ۽ باقي جسم جي اوگهڙ کي گاھ وغيره سان لڪائجي. مرد کي ڪفن پارائڻ لاء پھرين ڪفن جي چادر ڪنھن تختي وغيره تي وڇائبي آھي ۽ چادر جي مٿان گوڏ يا ازرا وڇائبي آھي. ميت کي ڪفني پھرائي گوڏ يا ازرا تي سمھاربو آھي ۽ پوء گوڏ کي اھڙي طرح ويڙھبو آھي جو سڄي پاسي وارو پلئه کٻي جي مٿان رھي يعني پھرين کٻي پاسي کان ويڙھبو آھي۽ پوء سڄي پاسي کان ۽ پوء ساڳي طريقي سان چادر کي ويڙھبو آھي[1]. ڪفن کي پوء مٿي ۽ پيرن واري جاء کان اڳڙي سان ٻڌي ڇڏبو آهي. ھوا جي ڪري کلي نہ پئي ان ڪري چيلھ واري ھنڌ کان بہ اڳڙي سان ٻڌبو آهي[1].

مسلمانن ۾ عورت جو ڪفن سنواريو

حنفي مذهب مطابق عورت جي ڪفن ۾ پنج ڪپڙا سنت آھن[1]. جن ۾ ڪفني يا چولو، ازار، سربند يا رئو، سينو بند ۽ چادر شامل آهن[1]. ڪفني ڳچي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي، ازرا مٿي کان وٺي پيرن تائين ھوندي آھي، ۽ چادر وري ازرا کان ھڪ ھٿ ڊگھي ھوندي آھي. سربند ٽي ھٿ ڊگھو ھوندو آھي جيڪو مٿي کان پھرائي منھن تي وڌو ويندو آهي[1]. سربند کي ٻڌو يا ويڙھيو نہ ويندو آهي. سيني بند سيني کان وٺي سٿرن تائين ويڪرو ھوندو آھي ۽ ايترو ڊگھو ھوندو آھي جو ٻڌي سگھجي[1]. جيڪڏهن اھو مسنون يا سنت مطابق ڪفن موجود نہ ھجي تہ عورت لاء ٽي ڪپڙا ازرا ۽ چادر ۽ سربند ڪافي آھن[1]. حنفي مذهب مطابق جيڪڏهن اھو ڻہ نہ ھجي تہ جيترو ڪپڙو موجود ھجي ڪافي آھي ۽ باقي جسم جي اوگهڙ کي گاھ وغيره سان لڪائجي[1]. عورت کي ڪفن پارائڻ لاء پھرين ڪفن جي چادر ڪنھن تختي وغيره تي وڇائبي آھي ۽ چادر جي مٿان گوڏ يا ازرا ۽ پوء سيني بند وڇائبي آھي. ميت کي ڪفني پھرائي ان جي وارن جا ٻہ حصا ڪري سڄي ۽ کٻي ڪفني جي مٿان سيني تي وڌا ويندا آهن پوء سر بند يا رئو مٿي تي پھرائي منھن تي وجھبو آھي[1]. ان کي ويڙھبو ہا ٻڌبو ناھي صرف منھن کي ڍڪبو آھي. ميت کي پوء سيني بند تي سمھاربو آھي ۽ پوء سيني بند کي اھڙي طرح ويڙھبو آھي جو سڄي پاسي وارو پلئه کٻي جي مٿان رھي يعني پھرين کٻي پاسي کان ويڙھبو آھي ۽ پوء سڄي پاسي کان ۽ پوء ساڳي طريقي سان ازار ۽ چادر کي ويڙھبو آھي[1]. ڪفن کي پوء مٿي ۽ پيرن واري جاء کان اڳڙي سان ٻڌي ڇڏبو آهي. ھوا جي ڪري کلي نہ پئي ان ڪري چيلھ واري ھنڌ کان بہ اڳڙي سان ٻڌبو آهي[1].

نئين ڄميل مئل ٻار جو ڪفن سنواريو

ڪوئي مئل ٻار ڄمي يا حمل ڪري پئي تہ حنفي مذهب مطابق ان کي ڪنھن صاف ڪپڙي ۾ ويڙهي دفن ڪبو آهي. ان کي مردن ۽ عورتن واري مسنون طريقي جو ڪفن ڏيڻ ضروري نہ ھوندو آھي[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 288-289
  2. Alfred J. Kolatch, The Jewish Book of Why (New York: Jonathan David Publishers, 1981), pp. 52-53