ڪرپس مشن
ڪرپس مشن: 1942:
ڪرپس مشن جون ائيني دستوري تجويزون:
- ٻي جنگ عظيم جي خاتمي کان پوءِ ھندوستان لاءِ ھڪ دستور ساز اسيمبلي ٺاھي ويندي، جيڪا ملڪ جو دستور تيار ڪندي، (پر جنگ دوران برطانيا جو قبضو برقرار رھندو).
- تجويز ڪيل دستور وفاقي طرز جو ھوندو، جنھن ۾ سڀئي صوبا ۽ رياستون شريڪ ھونديون.
- وفاقي دستور ۾ ڪنهن بہ صوبي يا رياست کي ڏھن سالن کانپوء الڳ ٿيڻ ۽ پنھنجو وفاق ٺاھڻ جو اختيار ڏنو ويندو.
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنھي انھن تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو. ڪانگريس ھندوستان جي ورھاست سبب ۽ مسلم ليگ پاڪستان جي قيام جو يقين نہ ڏيارڻ سبب.