ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامو

ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامو (انگريزي: Creative Commons license) عوامي حق نشر ۽ اشاعت اجازت نامن نجهان هڪ مشهور سافٽويئر اجازت نامو آهي، جنهن کي معروف ويب سائيٽس مثلاً وڪيپيڊيا ۽ فري بيس وغيرہ استعمال ڪنديون آهن۔ هن اجازت نامي کي هڪ آمريڪي غير منفعت بخش تنظيم ڪريئيٽيو ڪامنز ترتيب ڏنو آهي۔ هن اجازت نامي کي اُن وقت استعمال ڪيو ويندو آهي جڏنهن ڪوئي ليکڪ (مصنف) ٻين کي پنهنجي تخليق جي اشاعت ۽ استعمال ۽ ان جي بنياد تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو حق ڏيڻ چاهيندو آهي، گڏوگڏ هن اجازت نامي جي تحت ليکڪ (مصنف) ٻين کي جملي حق ڏيڻ جي بجاءِ بعض حق به ڏئي سگهي ٿو مثلاً هي قيد لڳائي سگهجي ٿي ته هن جي ڪم جو تجارتي ۽ ڪاروباري استعمال نه ٿيندوا، بس غير تجارتي استعمال جي اجازت آهي۔

هن وڪيپيڊيا ۾ ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي ڪاروباري استعمال جو طريقو بُڌايو ويو آهي۔
ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي تشريح مختلف ٻولين ۾۔

ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي متعدد قسمن ۾، جيڪي پاڻ ۾ شرطون استعمال ۾ اختلاف رکن ٿيون۔ ڪريئيٽيوڪامنز تنظيم پنهنجي اولين اجازت نامي 16 ڊسمبر 2002ء تي شايع ڪيا هيا۔ ۽ انهن جو تازو ترين چوٿون نسخو نومبر 2013ء ۾ شايع ٿيو۔[1]

Wanna Work Together؟ ايني ميشن از ڪريئيٽيو ڪامنز
ميير ۽ بيٽل جي ايني ميشن جو ٻيو نسخو ڪريئيٽيوڪامنز جي وضاحت ڪري ٿو۔
 
ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جي ترتيب

اجازت نامن جا هي قسم بنيادي طور تي چار عنصرن تي مشتمل آهين، هر هڪ جي تفصيل هيٺ درج آهي۔[2]

آئڪون حق وضاحت
  انتساب (BY) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به تيار ڪري سگهن ٿا بشرط ته اهي پنهنجي تيار ڪيل مواد ۾ لاڳاپيل ليکڪ (مصنف) يا اجازت نامو ڏيڻ واري جوان انداز ۾ ذڪر ڪري جيئن ليکڪ (مصنف) يا اجازت نامو ڏيڻ واري بڌايو آهي۔
  يڪسان ڀاڱيداري (SA) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به تيار ڪري سگهن ٿا بشرط ته اهي پنهنجي تيار ڪيل مواد کي انهيءَ اجازت نامي جي تحت جاري ڪن جنهن جي تحت اصل ليکڪ (مصنف) جاري ڪيو هيو۔
  غير تجارتي (NC) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، گڏوگڏ هن مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد به هن شرط تي تيار ڪري سگه ٿا ته هن جو تجارتي استعمال نه ٿيندوا۔
  بلا اشتقاق (ND) اجازت نامو جا حاملين هن ڪم جي نقل ۽ اشاعت ۽ انجي تقسيم ڪري سگهن ٿا، پر ان مان اخذ ڪري وڌيڪ مواد تيار نٿا ڪري سگهن۔

انهن شرائطن کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ سان سورنهن ممڪنہ اجازت ناما بڻجن ٿا جن ۾ يارنهن اجازت ناما درست ۽ باقي پنج غلط آهين۔

ڇهه ڪثير الاستعمال اجازت ناما

سنواريو

جيڪي يارنهن اجازت ناما درست آهن، انهن مان پنجن ۾ "BY" جي دفعہ موجود ناهي، تنهنڪري انهن جو استعمال ناهي ٿيندوڇو ته 98 فيصد اجازت نامن ۾ انتساب جي شرط درج هوندي آهي، تنهن سبب انهن کي ويب سائيٽ تي حوالي جي لاءِ باقي رکيو ويو آهي۔[3][4][5] باقي ڇهه اجازت ناما انتهائي ڪثرت سان استعمال ٿيندا آهن۔[5][6]

آئڪون وضاحت اختصار
  فقط انتساب BY
  انتساب + بلا اشتقاق BY-ND
  انتساب + يڪسان ڀاڱيداري BY-SA
  انتساب + غير تجارتي BY-NC
  انتساب + غير تجارتي + بلا اشتقاق BY-NC-ND
  انتساب + غير تجارتي + يڪسان ڀاڱيداري BY-NC-SA

وڌيڪ ڏسو

سنواريو
  1. ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامن جا نسخا
  2. "What are Creative Commons licenses?". Frequently Asked Questions - Creative Commons. حاصل ڪيل July 26, 2015. 
  3. "Retired Legal Tools". ڪريئيٽيو ڪامنز. حاصل ڪيل April 23, 2016. 
  4. "Announcing (and explaining) our new 2.0 licenses". Creativecommons.org. حاصل ڪيل April 23, 2016. 
  5. 5.0 5.1 "About The Licenses - Creative Commons". ڪريئيٽيو ڪامنز. حاصل ڪيل April 23, 2016. 
  6. "CC0". ڪريئيٽيو ڪامنز. حاصل ڪيل April 23, 2016. 

بيروني رابطا

سنواريو

ڪريئيٽيوڪامنز / يڪسان-ڀاڱيداري اجازت نامو

سانچو:Creative Commons topic

سانچو:Intellectual property activism سانچو:Open navbox