ڪروٽريم(انگريزي: Crotram) ٻن ڪروئيشيائي ڪمپنين جي انجمن(انگريزي: consortium) جو نالو آهي جن ملڪ ۾ پھريون ڀيرو ھيٺاھين فرش واريون ٽرام ٺاھڻ شروع ڪيون جن ۾ ٽي ايم ڪي 2100 ۽ ٽي ايم ڪي 2200 شامل آهن.ان انجمن جي ڪمپنين جا نالا: ڪونچر گروپ(انگريزي: Končar Group) ۽ TŽV گريڊيلج d.o.o. آھن جن جو تعلق زغرب شھر سان آھي. انجمن ۾ ٻئي ڪمپنيون ساڳي حيثيت رکن ٿيون تنھن ھوندي بہ ٽرام جي پيداوار ۾ گريڊيلج جو حصو رڳو 13 سيڪڙو آھي. ھي ڪمپني رڳو ٽرام جو ڍانچو ٺاھيندي آهي. ڪونچر ٽرام لاء عام منصوبا، بجلي ، بجلي تي ھلندڙ سامان ۽ آخري سڀ شيون ڳنڍي ٽرام تيار ڪرڻ جو ڪم ڪندڙ آھي. شروع ۾ ڊورو ڊيڪووڪ فيڪٽري بہ انجمن جو حصو ھئي پر پوء ان کي منصوبي جي آغاز بعد ڇڏي ڏنائون ۽ ھائڊرالڪس ۽ بوگي ٺاھڻ واري ڪم جي واڌاري ۽ پيداوار جرمن ڪمپنن ھرھڪSAMES Hydro-Systemtechnik GmbH & Co. KG ۽ ھينسچل اينڊ سنز ڏي منتقل ڪري ڇڏيائون.[1].[2]

ڪروٽرام
Crotram
صنعت ٽرام
صدر دفتر زغرب, ڪروئيشيا
صنعتي پيداوار TMK 2100, TMK 2200, TMK 2300
ڪروئيشيا ملڪ جي ٽي ايم ڪي 2200 نالي ٽرام
پھرين سيريز جو اندريون منظر
  1. Sames
  2. "Archived copy" (PDF). وقت 2008-04-10 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-10-02.