ڪرمز (عربي: دودالصباغني، فارسي: ڪرم رنگرنز، ھندي/اردو وغيره: ڪوفر، سرخ رنگ، انيقروس ۽ قرمز) اٽي وانگر ڳاڙهي رنگ جي شيءِ، جيڪا ڪينئن جي پيدائش آهي، انهيءَ ۾ گهڻو ڪري ڪپڙا ۽ پـَـٽ رنڱيندا آهن.[1]

طب سنواريو

خاصيت: قابض آهي، حيض ۽ بواسير جو رت بند ڪري ٿي، کنگهہ ۽ دمڪشيءَ لاءِ مفيد آهي، هن کي سرڪي ۾ ملائي کل جي خارش، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي لائبو تہ فائدو ٿيندو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌي.