ڪرس: نالا: اردو - بوٽي فريد، هندي - جامتي ڪي بيل، سنسڪرت - پاتال گرڙي، انگريزي (پيڊيليم موريڪس Pedalium Murex). سڃاڻپ: هيءَ رسي جئان ٿلهي ول آهي، جنهن جا پن ڏيڍ انچ کن ڊگها ٿين ٿا. هي ٽڪنڊا ۽ گول ڪنڊن سان هوندا آهن. هن جو ڦر ڇوڏي وانگي ٿئي ٿو، جنهن جي اندران ٻج نڪرن ٿا. رنگ: ڦر گهرو ڳاڙهو ۽ پن ساوا.

خاصيت: هن جا پن مروڙي پاڻيءَ ۾ وڌا وڃن ته گهاٽو ۽ لعابدار ٿي پوي ٿو. چون ٿا ته شيخ فريدالدين جو گذارو انهي پاڻيءَ تي هوندو هو. هن جا پن مٺي تيل ۾ ساڙي، اهو تيل ڦٽن ٺارڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. پاڻيءَ ۾ زياده عرصي تائين ڪم ڪرڻ سان هٿ پير ڳري پوندا آهن، تنهن لاءِ هن جي پنن جو پاڻي لائجي ته ڪافي آرام ملي ٿو. ڪٿي ڪٿي هن کي ملين طور ۽ صفرا جي زور گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.[1]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو