ڪدُو هي گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪي وڏا آني جي شڪل جهڙا ۽ ڊگها، ڪي ٻاٽليءَ جي شڪل جا ڳچيءَ سان، يا ٻن تُنبن سان، جي سڪي کان پوءِ فقير پورا ڪري، پاڻي کڻڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن ۽ ڪن مان مرليون ٺاهيندا آهن؛ ڪي بلڪل گول ٿيندا آهن، جن کي سڪي کان پوءِ پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ تنبا ڪري ڪم آڻيندا آهن، ڪي وري تمام ننڍڙا ٿيندا آهن، جي سڪي کان پوءِ ناس رکڻ لاءِ دٻليءَ وانگي ڪم آڻيندا آهن ۽ جن کي ”بلاغون“ سڏيندا آهن. پر پهريون قسم عام ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندو آهي. هي اڇا ۽ سهڻا ٿيندا آهن. هنن جي به وڏن پنن واري ول ٿيندي آهي، جا وڻن تي ۽ مَنهَن تي چڙهي ويندي آهي. هن جو ٻج به توريءَ وانگي سانوڻ ۾ پوکبو آهي ۽ سياري ۾کائبو آهي. جيڪي قسم ڪدوءَ جا، جي سڪي کان پوءِ فقيرن کي ڪم ايندا آهن، يا مرليون ٺاهيندا آهن، يا بلاغونن جي ڪم ايندا آهن سي ڪَڙا ٿيندا آهن..[1]

ڪدو

طب سنواريو

نالا: ع. قرح، ف. ڪدو دراز، هه. وغيره___ ڪدولمبا، ڪرڪانو، ترنبا، قباف، بقطين ۽ قلونا.

اثر: سرد تر، نقصان: معدي ۽ سرد مزاجن کي، ميل: گوشت ۽ گرم مصالح، عيوض: پالڪ، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: ڇانهي جي نموني تي سائي رنگ جو گول يا ڊگهو آڏو ٽيڏو هڪ ول جو ڦر آهي.

خاصيت: هن جي ڀاڄي رڌي کائڻ سان معدي ۽ جگر کي طاقت ملندي. خلط چڱو پيدا ڪري ٿو، دماغ کي طراوت ڏئي ٿو. گرم ۽ صفراوي تپن کي ڇڏائي ٿو، جگر جي گهڻي گرميءَ کي گهٽائي ٿو. ڪدوءَ جو پاڻي تپ دق، جگر، معدي ۽ دل جي بخارن کي گهٽ ڪري ٿو. پيشاب جاري ڪري ٿو. ڪدوءَ جو ٻج تپن، سلهه، کنگهه، دمڪشي، مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽ پيشاب جي ساڙي لاءِ مفيد آهي. هن جو تيل دماغ جي خشڪي وڃائي ۽ ننڊ آڻي ٿو، دماغ کي قوت ڏئي ٿو.[2]


حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو