ڪتاب الثاني
ابو زيد حسن سيرافي ايراني نار جي مشهور بندرگاهه سيراف جو رهاڪو هو. ان ڪري سيرافي سڏيو وڃي ٿو. هو ٽئين صدي هجريءَ جو عالم هو. سيرافي ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ آيو. تنهنڪري سندس لکڻيون اکين ڏٺو احوال آهن.
سندس مشهور ڪتاب جو نالو ڪتاب الثاني آهي. اهو ڪتاب سن 210ھ يعني 825ع ۾ لکيو ويو ۽ سن 264ھ يعني 877ع ۾ ڇپيو. ابو زيد سيرافي نه رڳو هنڌ سنڌ جي ريتن رسمن جو پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏوگڏ هتان جي واپار ۽ راجائن جو احوال به لکيو آهي. هو لکي ٿو ته هند سنڌ ۽ چين جا ماڻهو پنرجنم (Reincarnation) جا قائل آهن. هت اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ کي باهه ۾ ساڙين ٿا. ولڀ رائي ۽ ٻيا به اهڙا راجا آهن، جيڪي ڄاڻي واڻي پاڻ کي باهه ۾ وجهن ٿا.
هت اونهاري جي ٽن مهينن دوران مينهنَ پون ٿا. هنن جا گهر ڪاٺ جا ٺهيل آهن. ڇتين ۾ گاهه، پن ۽ ڀوسو وجهي ليپو ڏيندا آهن. هتان جي عالمن ۽ عابدن کي برهمڻ چوندا آهن. جيڪي هتان جا درٻاري شاعر پڻ آهن. هت نجومي ۽ جادو ڦيڻا ڪرڻ وارا تمام گهڻا آهن. فالون وجهڻ، جادو ڪرڻ ۽ اک ٻوٽ ڪرڻ ۾ کين ڪمال حاصل آهي. هت هڪ ٿالهي ۾ کائڻ عيب سمجهيو ويندو آهي. منجهائن هر هڪ جدا جدا ٿانون ۾ کائيندو آهي. ماڻهن جو هڪ گروهه، جيڪو جيڪو سئو ماڻهن جو هو، جڏهن سيراف آيو ۽ هڪ وڏي واپاري سندن دعوت ڪئي، تڏهن هر هڪ شخص لاءِ جدا ٿالهي آندي وئي. جيئن اهي الڳ الڳ کائي سگهن.
سيرافي لکي ٿو ته هت اهڙا به راجا آهن، جيڪي جڏهن تخت تي ويهندا آهن ته ڀت رڌي، ڪيلي جي پَن تي انهن آڏو رکيو ويندو آهي. ٽي چار سئو ماڻهو، خوشي سان راجا جي زور زبردستي کان سواءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. راجا پهريائين پاڻ ٿورو ڀت کائي، پوءِ سڀني کي ورهائي ڏيندو آهي. جيڪي ماڻهو راجا جو ڀت کائيندا آهن، انهن لاءِ لازمي ٿي ويندو آهي ته راجا جي موت يا ان جي قتل ٿي وڃڻ تي، انهيءَ ڏينهن سواءِِ ڪنهن دير جي اهڙي طرح سڙي وڃن جو انهن جو نالو نشان ئي نه بچي.
هو لکي ٿو ته هتان جا راجا گهڻو ڪري پنهنجي ڪنن ۾ سونا والا پائيندا آهن، جن ۾ قيمتي جواهر ۽ موتي جڙيل هوندا آهن. ڳچيءَ ۾ قيمتي هار پائيندا آهن، جن ۾ عمدا موتي ۽ ڳاڙهي سونهري رنگ جا جواهر هوندا آهن. اهي جواهر ۽ موتي سندن زاتي ملڪيت ۽ خزانو آهن. انهيءَ ساڳي قسم جا زيور فوجي سپهه سالار ۽ ٻيا آفيسر به پائيندا آهن. سنڌ جا راجا مصر جو زمرد پنهنجي منڊين ۾ ڪتب آڻين ٿا. مرجان به ٻاهران گهرايو وڃي ٿو. سنڌ جي معدنيات ۽ ٻين قيمتي شين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هتي موتي ۽ عنبير به آهي. سنڌ جي زمين ۾ آبنوس، بيد، عود، ڪافور، لونگ، جائفل، صندل ۽ هر قسم جون پاڪيزا شيون آهن.
سنڌ جي سرزمين ۾ زباد، مشڪ وارا هرڻ ۽ اهڙي قسم جو ٻيون گهڻيون ئي شيون آهن، جن جي ڳڻپ ڪري ئي نٿي سگهجي.
هتي طوطي جهڙا خوش الحان ۽ مور جهڙا سهڻا پکي آهن. قديم زماني ۾ سنڌي دنيار به ايڪسپورٽ ٿيندا هئا ۽ هڪ سنڌي دينار، ٽن يا ان کان وڌيڪ دينارن ۾ وڪو ويندو هو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته هتان جا ڪجهه ماڻهو جوڳي، سامي ۽ سنياسي بيابانن ۽ جهنگلن ۽ پهاڙن جو سير ڪندا وتندا آهن ۽ ماڻهن سان ڏاڍو گهٽ ملندا آهن. هي پنهنجو پيٽ قوت مڙئي جهنگلي موو کائي ڪري وٺندا آهن. سندن وار ايڏا وڏا ٿين جو بدن جي اوگهڙ کي ڍڪين ٿا. سندن ننهن وڏا تيرن جيڏا اٿن. اهي پاڻ ننهن ۽ وار نه ڪٽرائيندا آهن، تنهنڪري اهي ننهن پاڻ ئي ڀڃي ڀري پوندا آهن. هي ماڻهو سير سياحت ڪندا رهندا آهن. سندن ڳچيءَ ۾ مڻڪن جي مالها هوندي آهي، جنهن ۾ ڪشڪول لڙڪندو رهندو آهي. جڏهن کين بک لڳندي آهي ته ڪنهن جي در تي هليا ويندا آهن. اڳيون وري پنهنجي لاءِ برڪت سمجهي کين اوٻاريل چانور (ڀت) ڏيندو آهي. جنهن کي هو ڪشڪول ۾ وجهي هليا ويندا آهن.
هن دعوا ڪئي آهي ته مان پهريون شخص آهيان، جنهن ڏٺو ته هندوستان ۽ چين جو سمنڊ مٿان ڦري ميڊيٽرين سمنڊ سان ملي وڃي ٿو.
مسعودي سياح 300 هجريءَ ۾ ساڻس سيراف ۾ مليو. هن سندس سفرنامي کي پڙهي پنجويهن ٽيهن سالن کان پوءِ ان تي مقدمو لکيو. [1] [2]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: سنڌ گهمندڙ سيلاني، سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%88%20%D8%B2%D9%8A%D8%AF%20%D8%AD%D8%B3%D9%86%20%D8%B3%D9%8A%D8%B1%D8%A7%D9%81%D9%8A