ڪا به شيءِ نئين ناهي

سائنس اسان کي ٻُڌائي ٿي ته سڀ شيون مادي مان ٺهيل آهن ۽ مادو ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي. اهو رڳو پنهنجي صورت بدلائي ٿو. سمنڊ جو پاڻي ڦري بخار ۽ بخار مان ڪَڪَرن جي صورت وٺي ٿو. ڪَڪَرن مان وسڪاري جي صورت وٺي زمين تي پاڻيءَ جون بوندون ٿي ڪِري ٿو. زمين تي اهو گاهن ۽ ٻُوٽن ۾ جذب ٿي، ٻوٽن جي گهرڙن جي حصن جو روپ وٺي ٿو. اتان اهو جانورن جي پيٽ ۾ داخل ٿي ان جو جزو بڻجي ٿو. ماڻهوءَ جي بدن مان اهو پگهر وغيره بڻجي بخار جو روپ وٺي، ماحول ۾ ٻئي بخار جي شڪل ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ نيٺ ڪَڪَر بڻجي مِينهن جو پاڻي بڻجي وسي ٿو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ سان گڏجي سمنڊ ٿئي ٿو، وري ساڳيو چڪر شروع ٿي وڃي ٿو.

ان ڳالهه جي رڳو اڄوڪن نه، پر اڳوڻن سائنسدانن کي به خبر هئي. اڍائي هزار ورهيه اڳ يوناني سائنسدان ايگزاگورس (500 ق.م – 422 ق.م) چيو ته، “ڪائنات ۾ مڪمل نيون شيون ٿينديون ئي ناهن.

اصل ۾ ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ يا ڳالهه مڪمل ڪانهي. هر شيءِ، هر ڳالهه نسبتي يا لاڳاپيل آهي، يعني فقط ڪن حالتن ۾ ۽ ڪنهن حد تائين آهي. جيڪو ٻار بنهه ٻه منٽ اڳ ڄائو آهي، اهو به بلڪل نئون نه آهي؟ سندس اکيون ۽ نڪ چڱيءَ طرح جاچي ڏسو! اهي گهر جي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي اکين ۽ نڪ جهڙيون ئي هونديون. ويندي منجهس ڄائي ڄمندي بيماريون به اهي ئي پراڻيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي سندس مائٽن ۽ وڏن ۾ پُشتا پُشت هلنديون اچن. اهو ٻار بيشڪ نئون آهي، پر مڪمل طور نئون ڪونهي، اهو فقط نسبتي طور ۽ هڪ حد تائين نئون آهي. نيئن ڄاول چيني ۽ جپاني ٻار جو نَڪُ اهڙو ئي مِنو ۽ اکيون اهڙيون ئي پيٺل هونديون جهڙيون ايامن کان وٺي ان نسل جي ماڻهن جون هلنديون اچن. [1][2]

  1. سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-28 
  2. ڪتاب: سندي ذات هنجن