مک مينيو کوليو

ڪاڪٽس:

هن نالي واريءَ ذات ۾ گهڻن ئي قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا داخل ٿين ٿا، جن جي مکيه جاءِ آمريڪا آهي، پر هاڻي هندستان ۾ به گهڻا ٿا ٿين. هي جهنگلي به ٿيندا آهن. هنن کي گهڻي اُس ۽ گهڻي گهم نقصان پهچائيندي آهي. جڏهن هي وڌڻ ۾ هجن تڏهن پاڻي ڏجين، نه ته بس. زمين چن واري گهرجين. هن قسم جا وڏا وڻ به ٿيندا آهن. انهن جي پاڙ ۾ چن، سرن جا ٽُڪر ۽ گچ جو ڪچرو وجهڻ گهرجي ۽ وهندڙ پاڻي ڏجي. هي وڻ اهڙا ڏاڍا آهن، جو ٽاريءَ جو ٽڪر وڍي ڪٿي به هڻبو ۽ پاڻي ڏبس، ته لڳي ويندو. هن جا ولايتي قسم تمام چڱا ٿيندا آهن. هن ذات جي وڻن کي ڇانَو وڌيڪ پسند آهي. هن جي قسمن مان هڪڙو ته اهو آهي جنهن کي نانگ ڦڻ يا نانگ ڦڻي ٿوهر به چون ٿا. انهيءَ جو اشارو اسان ٿوهر هيٺ ڏنو آهي. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ اوپنشيا يا پِرِڪلي ڪاڪٽس (يعني ڪنڊن وارو ڪاڪٽس)، يا انڊين فِگ (يعني هندي انجير) چون ٿا. ٻيو هن جو قسم آهي، جنهن کي ٽرڪس ڪيپ (يعني ترڪي ٽوپي) يا ميلو ڪاڪٽس (يعني گدري جهڙو ڪاڪٽس) چون ٿا. ٽيون قسم آهي جنهن کي نِپل ڪاڪٽس (يعني بُبي جهڙو ڪاڪٽس) چون ٿا، جو انهن ۾ جانورن جي ٿڻن جهڙيون نليون رهن ٿيون، جن جي وچ ۾ گل نڪرندا آهن..[1]

حوالاسنواريو

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو