ڪانڌڙا سنڌ ۾ رهندڙ هڪ ذات جو نالو آهي. ڪانڌڙن بابت ڪي تفصيلي ڳالهيون ڪتابن مان ڪونه ٿيون ملن. ڪانڌڙا ذات جي اڪثريت سنڌ ۾ خيرپور، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ رهي ٿي ۽ سندن ماڌري زبان سنڌي آهي. ڪانڌڙا ذات انڊيا جي اتر پرديش رياست ۾ به رهي ٿي جتي سندن مذهب هندومت آهي ۽ ٻولي هندي ڳالهائن ٿا. ڳوٺ ڪانڌڙا پور Kandhrapur [1] انڊيا جي رياست اتر پرديش جي ڊويزن لکنئو جي ضلعي کيڙِي ۽ تحصيل گولا گوڪرن ناٿ ۾ ڪانڌڙا پور نالي هڪ ڳوٺ آهي جيڪو کيڙي ضلعي جي ڪُمڀي گولا بلاڪ ۾ واقع آهي. جنهن جي ڪل آبادي 2119 آهي ۽ ٽوٽل گهر 314 آهن. ڪانڌڙا پور لکنئو کان 145 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. ڪانڌڙا پور جا رهواسي هندو آهن ۽ هندي ٻولي ڳالهائن ٿا. ڪانڌڙا پور جي ڀرپاسي ۾ ڪجهہ ڳوٺ آهن جن ۾ شاه پور جاگير، سيمرا جانيپور، مگداپور، ڀگوَتي پور ۽ گلڙائي شامل آهن.

حوالا سنواريو