ڪانگ
ڪانءُ يا ڪانگ ا(انگريزي ٻولي: Crow) هڪ پکي آهي. اُڏامندڙ پکين ۾ ماحول کي سمجهڻ ۽ اڳواٽ خطرن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ ٿئي ٿي، ڇو جو انهن کي زمين تي رهندي يا فضا ۾ اُڏامندي پنهنجي دفاعي حواسن کي وڌيڪ سرگرم رکڻو پوي ٿو. انهي لاءِ وڌيڪ حساس رهڻ ڪري اُهي آسپاس جي ماحول کي وڌيڪ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت بہ رکندا آهن. ڪانءُ جيئن تہ وڌيڪ حِساس ۽ ذهين پکي آهي اُن ڪري چوماسي جي مُند ۾ جيڪڏهن برسات جو مانڊاڻ گهٽ ٺهيو، يا فضا ۾ آبي بخارن جي گهٽ موجود هئڻ کي محسوس ڪندي پنهنجي جنسي هارمون جي گهٽ حرڪت ۾ اچڻ ڪري بہ پريشان رهندا آهن. اِنهي حالت ۾ سندن وڌيڪ نسل پيدا ڪرڻ جا احساس مُتاثر ٿيندا آهن. اُنهي ڪري سندن حرڪتون بہ عام حالتن جي اُبتڙ ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري اُهي رات جو بہ ٻولڻ شروع ڪندا آهن. جنهن کي ٻُڌي ٿر جي ماڻهن کي برساتن نه وَسڻ جو اندازو ٿي ويندو آهي. تنهنڪري ڪانئُن يا ڪانگن جي اهڙي قِسم جي ٻولين کي ٿري ڏُڪار جو اُهڃاڻ سمجهندا آهن. [2]
House crow | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Corvus |
جنس: | Template:Taxonomy/Corvus{. splendens |
حياتياتي نالو | |
Corvus splendens Vieillot, 1817 | |
اَلُ ڪانءُ
سنواريوجيئن ته ڪانءُ جي ٻَچي جو وات پنهنجي قَد بُت جي حساب کان وڏو ٿيندو آهي ۽ هر وقت پنهنجي آکيري مان ڪنڌ ڪڍيو ڪان ڪان پيو ڪندو آهي، تنهنڪري وڏو وات ڦاڙي اجايون رڙيون ڪندڙ کي طنز جي طور تي ”ال ڪانءُ“ چوندا آهن.[3]
ڪانءُ عاشقن جو پسنديده پکي
سنواريوڪانءُ يا ڪانگ ڪارو آهي، ڪوجهو آهي، پر سنڌ سميت ننڍي کنڊ ۾ عاشقن ۽ شاعرن کي ڏاڍو پيارو آهي. ڇو جو اهو سِڪ جو سَنديشو کڻي اچي ٿو. اُن ڪري سنڌ ۾ عاشقن جو وٹندڙ پکي آهي. اسان وٽ ڪانگ ٽان ٽان ڪري تہ اُن جو مطلب اهڙن مهمانن جي اچڻ ورتو ويندو آهي جن جي آئي مَن سَرهو ٿئي. ڪانءَ جي اهڙي نموني جي ٽان ٽان کي ڪانءُ لَنوڻُ بہ چيو ويندو آهي. مطلب تہ اسان وٽ ڪانگ کي پيار جو قاصد سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري قُرب ڀري ڪانگل کي اُڏائڻ بدران اسان وٽ اُن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو آهي. [4]
جيسين انگريزن ٽپال ۽ تار کاتو شروع نہ ڪيو هو، تيسين تائين موملون خاص ڪري ڪَڇ ڀُوڄ، جوڌ مڪران جون، نياپا موڪلڻ لاءِ ڪاڪ جا ڪانگ اُڏائينديون هُيون ۽ سدا سهڻا راڻا پنهنجي دل، جِگر جا ٽُڪرا ۽ آخري نشانيون موڪلڻ لاءِ ڪانگ جي مدد وٺندا هئا. ائين اسان وٽ ڪانگ عشق جا نياپا کڻي اچڻ لاءِ مشهور آهي.آءُ ڪانگا تو ڏيان ڪڍي جان جگر جيرو،
ته وڃي کاءُ ولايت ۾ جتي محبوبن جو ديرو،
ته مَن پُڇن هڪ ڀيرو، تہ هيءَ قرباني ڪنهن ڏني.
ڪانگ نہ رُڳو سنڌ پر سڄي ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ پڻ ڳايو وڃي ٿو:
ڪاگا سڀ تن کائيو،
چُچُن کائيو ماس، دو نينا مت کائيو،
انهين پيا ملن ڪي آس.
ڏور اوڀر مُلڪن ۾ ڪانگ کي ڪِنو پکي سمجهيو وڃي ٿو
سنواريوسنڌ جي اُبتڙ فار ايسٽ يعني ڏور اوڀر مُلڪن ۾ وري ڪانگ کي پسند نٿو ڪيو وڃي ۽ اِن کي ڪِنو پکي سمجيو وڃي ٿو. چين ۾ مائوزي تنگ جي مُهم هيٺ وڏي پئماني تي ڪانگن، جِهرڪين ۽ ڪوئن کي اُن وقت جي چين جي حڪومت ۽ عوام گڏجي مارڻ شروع ڪيو، ڇو جو سندن خيال موجب اِهي پکي ۽ جانور گندگي ڪن ٿا، فصلن کي نُقصان رَسائين ٿا ۽ بيماريون پکيڙين ٿا وغيره.
پر ڪانگن ۽ جهرڪين کي مارڻ جي اُن مهم کان پوءِ فائدي جي بدران اڃان وڌيڪ نُقصان ٿيو هو، ڇو جو چين ۾ اُن مُهم کان پوءِ اُميد پئي ڪئي وئي تہ اِن ڀيري فصل سُٺا ٿيندا پر ٿيو وري اُن جي اُبتڙ. ڇو جو قدرت جي هن سَنسار يا مَنڊل جو هڪ پنهنجو ايڪو سسٽم آهي، جنهن تحت هر شئي جو پنهنجو ڪردار آهي، مثال طور، ڪانگ مان گهڻا ئي فائدا پڻ آهن. جهڙوڪر اهو ڪوئن کي کائي ناس ڪري ٿو، ڀِٽن ۾ مُئل نانگن، سانڊن ۽ ڳوهن جي صفائي ڪري ٿو، بلڪل ائين جيئن اِهو ڪم ڳِجهون ڪن ٿيون. انسان جي حرڪتن سبب جڏهن اِن ايڪو سسٽم ۾ گڙٻڙ پيدا ٿئي ٿي تہ اُن جا ماحول تي بہ خراب اثر پون ٿا.
ملائيشيا ۾ ڪانگ مارڻ جي مُهم
سنواريوچين وانگر ڪانگن سان ساڳي جُٺ ملائيشيا ۾ پڻ آهي. اُتي بہ ڪجھہ سالن کان وري نئين سِر ڪانگ مارڻ جي مهم هلائي پئي وڃي، جنهن ۾ شهر جا ماڻهو هفتي اندر هزارين ڪانگ ماري ڍير ڪري ڇڏيندا آهن. ڪيترائي سال پهرين ملائيشيا جي ڪُجھہ شهرن ۾ ڪانگ مارڻ جي هڪ وڏي مُهم هلائي وئي هئي، اُن مُهم دوران ڪوالالمپور واري علائقي ۾ ڪوڙڪين، بندوقن ۽ گُليلن سان ڏھہ هزار ڪانگ مارڻ کان پوءِ گڏ ڪري هڪ وڏي کَڏ ۾ پُوريا ويا هئا. اُن کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين ڪوالالمپور واري پاسي ڪانگن جو انگ نہ وڌيو.
ملائيشيا جي يونيورسٽي آف سائنس جو پروفيسر جي ڪي چارلس ڪانگن تي مڃيل اَٿارٽي آهي. هن سڄي ڄمار ڪانگن تي کوجنا ڪئي آهي. تنهن ٻُڌايو تہ ڪانگن جي وڌندڙ ڏِنگاين لاءِ ماڻهن کي ئي ڏوھہ ڏيڻ کپي، جيڪي گهر جو ٻهر ۽ بچيل سچيل کاڌو پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪرڻ بدران ائين ئي اُڇليو ڇڏين، جن کي پوءِ ڪانگ ۽ ڪوئا هڪ طرف لوئي جيڏانهن ڪيڏانهن پکيڙين ٿا تہ ٻئي طرف اُن کي کائي ٿُلها مَتارا ٿين ٿا.
پروفيسر جي ڪي چارلس موجب ڪانگن کي بندوق سان مارڻ مان ڪو خاص فائدو ناهي. سُٺو طريقو اهو آهي تہ ماڻهو صفائيءَ تي زور ڏين. ڇاڪاڻ جو گندگيءَ ڪري ڪوئن ۽ ڪانگن جي واڌ ويجھہ ۾ واڌارو اچي ٿو. خاص ڪري کاڌي جي اوبر سوبر کي ٿانئيڪي هنڌ تي اُڇلائڻ کپي، جتان ميونسپالٽيءَ جي گاڏي هڪدم ميڙي وڃي.
ڪانگن جي خاتمي جو هن موجب ٻيو طريقو اهو آهي تہ سندن آکيرا ڊاهي، آنن کي ناس ڪرڻ کپي. 1973ع ۾ پينانگ ٻيٽ تي ڪانگن جي آدمشماري ٻہ هزار کن مَس هُئي ۽ هاڻ ٻارهن سالن اندر چئوڻي پنجوڻي ٿي ويئي آهي. ملائيشيا ۾ اڳ ۾ ڪانگ بِنھہ نہ هو. هن صديءَ جي شروع ۾ ڪي جهازي سريلنڪا کان ڪجھہ ڪانگ ڦاسائي هيڏانهن ڪئري ٻيٽ تي کڻي آيا. (جيڪو ڪولالمپور جي ويجهو آهي) ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي سڄي ڪولالمپور ۽ اوسي پاسي جي شهرن ۾ ٽِڙي پَکڙي ويا. هاڻ ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ڪانگ نظر اچن ٿا.
ڪانگن کان بيزاريءَ جو ذڪر ميڊيا ۾ اچڻ تي نيٺ سرڪار سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. مختلف ميونسپالٽين طرفان هن پکيءَ کي مارڻ لاءِ ڏينهن ۽ انعام مُقرر ڪيو ويو تہ اُن ڏينهن تي صبح کان وٺي ڪانگن تي ٺا ٺا ٿي وڃي. ڪانگن کي ڪٿي بہ ويهڻ نہ ڏيو. في پُڇ جيئري يا مُئل ڪانگ لاءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڊالر انعام رکيو ويو. مَلئي زبان ۾ جانور توڙي پکيءَ لاءِ EKOR يعني “پُڇ" ڳڻبو آهي. [5]
سنڌ ۾ ڪانءُ جا قِسم
سنواريوگھريلو ڪانءُ يا ڪانگ
سنواريوانگريزي ۾ هِن کي House Crow چئبو آهي، سائنسي نالو Corvus splendens اَٿس.
هن جو رنگ چمڪدار ڪارو اَٿس، خاص ڪري پُٺي، مَٿو ۽ ڳِچي. ڪانءُ جو ڪنڌ کان ڇاتيءَ تائين گھرو سُرمائي، چُهنب، ٿُلھي، مضبوط ڊگھي ۽ ڪاري ٿئي ٿي. ماڻهو کي بي خبر ڏسي ان جي هٿن مان شيون کسي ويندو آهي. کائڻ مهل شيءَ چنبي ۾ جَھلي چُهنب هڻندو آهي. عام طور تي اڪيلو ڏِسبو آهي پر گروھ پسند آهي. خطري يا نُقصان جي احساس مهل ڪٿان ڪٿان جا ڪانءُ اچي مِڙندا ۽ ڪان ڪان ڪري سڄي برادري گڏ ڪندا آهن ۽ دُشمن کي ڀَڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. دُشمن کي لامارن ۽ گُھتن سان چَنبا هڻي زخمي ڪن ٿا. ڪانءَ وڻن تي ڪاٺڙين جو وڏو آکيرو جوڙيندو آهي. جيتوڻيڪ تمام سياڻو ۽ خبردار پکي آهي تہ بہ ڪوئل اِن جي آکيري ۾ آنا لاهيندي آهي ۽ ڪانءُ اُن کي پنهنجا آنا سمجھي سنڀاليندي آهي. ڪانءُ مُردار خور پکي آهي پر گھڻو ڪري اُن ئي علائقي ۾ ملندو آهي جتي انسان موجود هجن.
40 کان 45 سينٽي ميٽر جسامت وارو هي ڪانءُ پوري سنڌ هند ۾ عام ملي ٿو. ڪانويلي اپريل کان جولاءِ جي عرصي ۾ 3 کان 5 آنا لاهيندي آهي. 25 کان 30 ڏينهن آرو ڪندي آهي.
دوڏو/ صحرائي ڪانءُ
سنواريوانگريزي ۾ هن کي Common Raven چيو ويندو آهي. ۽ سائنسي نالو Corvus corax اَٿس.
هي پنهنجي هم نسل ڪانءُ ۾ سڀني کان وڏو ۽ ڳرو آهي. 54 کان 67 سينٽي ميٽر واري ھن ڪانگ جو وزن 1 ڪلو جي ويجھو آھي. هن جي عُمومي ڄمار 21 سال آهي. دوڏو قَد بُت ۾ پنهنجن هم نسلن ۾ سڀ کان وڏو ۽ ڪارو ٿئي ٿو. رنگ چِلڪدار ڪارو ٿئيس ٿو، ٻَچي جو رنگ چمڪدار نہ ٿيندو آهي. جسم جو مضبوط آهي. چُهنب ڊگھي، ٿُلهي ۽ مضبوط آهيس. اُڏامڻ مهل اِن جو ڊگھو پُڇ ۽ مخروطي گولائي پکڙيل پَرن جا ٻاهريان ڊِگھا کَنڀ سِرڻ وانگر ڌار ڌار نظر ايندا آهن. اُڏامڻ جي صلاحيت سُٺي اَٿس، مٿي کان مٿي اُڏامي سگھي ٿو ۽ سِرڻ وانگر هوا جي ڪُلهن تي پَر رکي تَري سگھي ٿو. اِن جو آواز بہ وڌيڪ ڳرو، گھرو ۽ ڪَرخت هوندو آهي جيڪو ٻڌڻ ۾ وَوڪ...وَوڪ لڳندو آهي، ڪڏهن کڙڪيدار ٽراڪ ... ٽراڪ.. ٽاڪ... ٽاڪ بہ ڪندو آهي.
اڪثر اڪيلو، جوڙيءَ ۾ يا وري لَڳ جي مُند ۾ گروھ يا ڪُٽنب سان نظر ايندو آهي. گروھ ۾ پَسار ڪندو آهي. ڍنڍن تي وَلرن جي صورت ۾ اچي گڏ ٿئي ٿو. سياري ۾ ننڍڙن گروهن ۾ ڦِرندو آهي. زمين تي هلڪي لوڏ سان پنڌ ڪندو آهي ۽ ڪنهن مهل هلڪو ٽُپو ڏيندو آهي. ڳوٺن جي ڀرپاسي ۾ رهي ٿو يا شهرن ۽ خانہ بدوشن جي آبادين وٽ.
هي آکيرو اڪيلي وڻ جي چوٽيءَ تي يا وري ڪنهن اوچي ڏرڙ ۾ ٺاهيندو آهي. مقامي سطح تي لڏپلاڻ ڪندو آهي. هن وقت بلوچستان ۽ ٿر سميت ۾ سڄي سنڌ ۾ اِن جو نسل خطري ۾ آهي.
مادي 3 کان 7 آنا لاهيندي آهي. 18 کان 21 ڏينهن آرو ڪندي آهي.ڊسمبر کان مارچ تائين لَڳ جي مُند آهي. هي همئہ خور پکي آھي.
ٽاڪرو/ هاڏو ڪانءُ
سنواريوهي ڪانءَ جو قِسم آهي، جنهن کي ٽاڪرو يعني جابلو ڪانءَ چئبو آهي. هي سنڌ جي عام رواجي ڪانءَ کان وڏو ٿيندو آهي ۽ ڳري آواز سان جبلن ۽ پهاڙن ۾ ڪان ڪان ڪندو وَتندو آهي. ڪانءَ جو هن جهڙو قِسم ٿر ۾ بہ ٿئي، جنهن کي هاڏو چوندا آهن. اهڙا ڪانگ ڪوئيٽا ڪوھہ مري ۽ ايران واري پاسي نظر اچن ٿا. [6][7]
ڪانءُ لَنوڻُ
سنواريو- ڪانءُ جي پريان کان ٻوليندو اچي تہ اِها ”ڄاڻ“ (موت جي خبر) ملڻ، پر گهر تي ويٺي ويٺي ٻولي تہ مهمان اچڻ جو اطلاع هُجي ٿو. موت جي اطلاع وقت ڪانءَ جو آواز ڪَڙو، پر مهمان اچڻ تي مِٺو هوندو آهي. سج اُڀرندي ڪانءُ گرڙي هاري ته مهمان اچڻ ۽ جي رڙ ڪري ته ڄاڻ ملڻ جي علامت سمجهبو آهي. جيڪڏهن ڪانءُ رات جو اُڏرن يا رڙن تہ ڏُڪار جي نشاني هوندي آهي.
طِب
سنواريونالا: ع. غراب، ف. زاغ، هه. وغيره___ ڪوا، بده، ڪلاغ زاغنچه.
اثر: گرم خُشڪ 2، نُقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سُرڪو، عيوض: پاريهل، وزن: قدر موافق.
سُڃاڻپ: ڪاري رنگ جو مشهور پکي آهي، جنهن جو ڪنڌ وارو حصو اَڇو ٿئي ٿو.
خاصيت: هن جو گوشت مَنيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، قوتِ باھہ کي وڌائي ٿو. جلندر، يرقان، سرسام، جنون، ماليخوليا، فالِـج ۽ لقوي لاءِ مُفيد آهي. هن جو پِتو ماکيءَ ۾ مِلائي اکين جي ڌُنڌ، خارش، ڦُلي ۽ نظر جي واڌاري لاءِ مُفيد آهي. هن جو رت ڪوڙھہ، چِٽي ۽ وارچري جي جاين تي لائجي تہ فائدو ڪندو..[8]
حوالا
سنواريو- ↑ بقرة
- ↑ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-29
- ↑ ال ڪانءُ : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ ڪانءُ لَنوڻُ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ ڪوالالمپور ڪجهه ڪوھہ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-29
- ↑ ٽاڪرو ڪانءُ : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
ٻاهريان ڳنڍڻا
سنواريوسنڌي ادب ۾ ڪانءُ يا ڪانگ بابت ڳالهيون، سنڌ جي ثقافت ۾ ڪانءَ سان لاڳاپيل گھڻائي سوڻ ساٺ، پهاڪا ۽ چوڻيون آهن.
- آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (فقير دريا خان ڪنڊڙي واري جي ڪلام جو مجموعو- مرتب ڪندڙ نياز همايوني آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ڪانگ لنوي مِٺي لات - الطاف شيخ
- اڃايل ڪانءُ- ڪهاڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ڪانءُ بابت ڪهاڻيون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
- امان لولو ڪانءُ کڻي ويو- ٻاراڻو بيت
- خوش ڪير آهي (ڪانءُ ۽ پکين سان مڪالمه) آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.