ڪاميڊي آف مينرس __(Comedy of Manners):

ھن ڊرامي ۾ اڪثر ڊراما نگار معاشري جي ريتن رسمن تي ٺٺولي ڪندا اھن. ھن ڊرامي جو وڏو دخل مڪالمن تي ھوندو اھي. ھي ڊراما اصل ۾ وڏن گھراڻن جي ريتن رسمن تي ٺٺولي ھوندا اھن، جن ۾ گهڻو ڪري اصول ۽ طرز زندگي جا ڪوڙا محل ٺھيل ھوندا اھن. ھنن ڊرامن کي سمجھڻ لاءِ سمجھدار ذھنن جو ھجڻ ضروري ھوندو اھي. انگريزي ڊرامي جي تاريخ ۾ جان ڊرائڊن (1631-1700ع) ھن قسم جو وڏو ڊراما نگار ھو. سنڌي ڊرامي ۾ پڻ ھن قسم جا ڪيترائي مثال موجود اھن، جن ۾ امر جليل جو ”مٽيءَ جا ماڻھو“، عبدالقادر جوڻيجي جو ”خانصاحب“ وغيره اھم اھن[1]..

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي